نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو اسلام آباد ۾ نيپال جي سفارتخاني جو دورو

اسلام آباد - 04 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جمعي ڏينهن اسلام آباد ۾ نيپال جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ نيپال ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ فوت ويل ماڻهن جي ياد ۾ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر لکيا. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ نيپال جي …

اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جمعي ڏينهن اسلام آباد ۾ نيپال جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ نيپال ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ فوت ويل ماڻهن جي ياد ۾ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر لکيا. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ نيپال جي حڪومت ۽ عوام سان پاڪستان پاران يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته موسمياتي تبديلي خطي جي ملڪن کي غيرمتناسب طور تي متاثر ڪري رهي آهي جنهن جي نتيجي ۾ انساني جانين، روزگار ۽ بنيادي ڍانچي کي شديد نقصان پهچي رهيو آهي. هن فوت ٿيندڙن جي لاءِ دعا سان گڏوگڏ زخمين جي جلد صحتيابي ۽ گم ٿي ويل ماڻهن جي سلامتي جي لاءِ پڻ دعا ڪئي. نيپال جي امدادي ۽ بحالي جي ڪوششن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ان قدرتي آفت جي اثرن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.