پاڪستان گهڻ طرفي نظام ۽ عالمي معاملن ۾ گڏيل قومن جي موثر ڪردار جي ڀرپُور ۽ مستقل حمايت جاري رکندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد- 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گهڻ طرفي نظام ۽ عالمي معاملن ۾ گڏيل قومن جي موثر ڪردار جي ڀرپُور ۽ مستقل حمايت جاري رکندو، موجوده عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي پليٽ فارم ۽ گهڻ طرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب اهڙن …

اسلام آباد- 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گهڻ طرفي نظام ۽ عالمي معاملن ۾ گڏيل قومن جي موثر ڪردار جي ڀرپُور ۽ مستقل حمايت جاري رکندو، موجوده عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي پليٽ فارم ۽ گهڻ طرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هُن جمعي جي ڏينهن هتي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاءِ نامزد اميدوار سفير اولارا اوتونو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن جمعي ڏينهن هتي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي يوگنڊا جي صدر جي خاص نمائندي ۽ يوگنڊا جي اڳوڻي وزيراعظم روهاڪانا روگنڊا پڻ ساڻس گڏ هو. مُلاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم جي خاص مددگار طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پڻ ملاقات ۾ موجود هُئا. ملاقات دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي منشور جي اصولن ۽ مقصدن لاءِ پاڪستان جي پختي وابستگي کي ورجايو. وزيراعظم عالمي قانون ۽ عالمي معاهدن جي احترام کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گهڻ رخي نظام ۽ عالمي معاملن ۾ گڏيل قومن جي موثر ڪردار جي ڀرپُور ۽ مستقل حمايت جاري رکندو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موجوده عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي پليٽ فارم ۽ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل قومن جو ايندڙ سيڪريٽري جنرل گڏيل قومن جي ٽن بنيادي ٿنڀن- امن ۽ سلامتي، ترقي ۽ انساني حقن تي جامع ۽ متوازن انداز ۾ ڌيان ڏيندو. اولارا اوتونو گهڻ رخي نظام جي فروغ ۽ گڏيل قومن جي ٽن بنيادي ٿنڀن لاءِ پاڪستان جي ڊگهين ۽ نمايان خدمتن تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هن عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ جاري ڪوششن ۾ پاڪستان جي قيادت ۽ اهم ڪردار کي به ساراهيو.