ڪراچي-03 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي سينيئر ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته اڄ سنڌ اسيمبلي لاءِ انتهائي اهم ۽ تاريخي ڏينهن آهي. ايوان ۾ نثار احمد کهڙي پاران پيش ڪيل التوا واري رٿ تي بحث ٿي رهيو آهي، جيڪا هڪ اهم معاملي سان لاڳاپيل آهي. اڄ ٿيندڙ بحث کي سنڌ اسيمبلي جي تاريخ ۾ ياد رکيو …
جيڪڏهن سنڌ جي مستقبل جو فيصلو ٿيڻو آهي ته اهو سنڌ اسيمبلي جي فلور تي ٿيڻ گهرجي، اڄ سنڌ اسيمبلي لاءِ انتهائي اهم ۽ تاريخي ڏينهن آهي، صوبن بابت اهم فيصلا ٽاڪ شوز يا روڊن تي نه ٿيندا، سنڌ جي ورهاڱي خلاف التوا جي رٿ تي ٿيل بحث کي ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪيو ويندو: شرجيل انعام ميمڻ
ڪراچي-03 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي سينيئر ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته اڄ سنڌ اسيمبلي لاءِ انتهائي اهم ۽ تاريخي ڏينهن آهي. ايوان ۾ نثار احمد کهڙي پاران پيش ڪيل التوا واري رٿ تي بحث ٿي رهيو آهي، جيڪا هڪ اهم معاملي سان لاڳاپيل آهي. اڄ ٿيندڙ بحث کي سنڌ اسيمبلي جي تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو ۽ ايندڙ وقت ۾ اهو پڻ لکيو ويندو ته التوا واري رٿ ڪهڙي اهم مسئلي تي پيش ڪئي وئي هئي. سنڌ اسيمبلي ۾ اڄ ٿيندڙ بحث پنهنجي تاريخي اهميت رکي ٿو، ان ڪري التوا واري رٿ تي ٿيندڙ مڪمل بحث کي ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪيو ويندو. ايوان ۾ ٿيندڙ هر تقرير ۽ هڪ هڪ لفظ کي تاريخي رڪارڊ جو حصو بڻايو ويندو، جڏهن ته سنڌ جي وحدت جي معاملي تي ٿيندڙ بحث کي تاريخي دستاويز جي صورت ۾ محفوظ ڪيو ويندو. هن ڪتاب ۾ التوا واري رٿ تي حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي بينچن سان تعلق رکندڙ سمورن ميمبرن جون تقريرون ۽ سندن موقف شامل ڪيا ويندا، ته جيئن تاريخ کي مسخ ٿيڻ کان بچائي سگهجي ۽ ايندڙ نسلن لاءِ مڪمل رڪارڊ محفوظ رهي. سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو ايوان ۾ اڳ بيان ڪيل تاريخ ۽ ماضي جي واقعن کي ٻيهر ورجائڻ نٿا چاهيون. ڪيترائي مقرر سنڌ جي تاريخ، ماضي ۽ موجوده حالتن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪري چڪا آهن، جڏهن ته 1948ع کان هينئر تائين جي واقعن تي پڻ ايوان ۾ تفصيلي روشني وڌي وئي آهي. سنڌ جي تاريخ هڪ وسيع موضوع آهي، تنهن ڪري بهتر ٿيندو ته اڄ جي بحث ۾ انهن نقطن تي ڳالهه ڪئي وڃي، جيڪي اڳ ۾ بحث هيٺ نه آيا آهن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو سنڌ جي معاملي تي موقف بلڪل واضح آهي ۽ سنڌ حڪومت جو موقف پڻ واضح آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳ ئي واضح ڪري چڪو آهي ته نون صوبن جي قيام جو فيصلو لاڳاپيل اسيمبلين کي ڪرڻ گهرجي. نئين صوبي جي قيام يا نه ٿيڻ جو فيصلو سنڌ اسيمبلي، پنجاب اسيمبلي يا ڪنهن به لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي کي ڪرڻو پوندو. هر صوبي جي مستقبل بابت فيصلو ان صوبي جي چونڊيل اسيمبلي ذريعي ٿيڻ گهرجي ۽ نون صوبن جي قيام بابت فيصلو لاڳاپيل صوبائي اسيمبلين جو آئيني مينڊيٽ آهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 239 جي ذيلي شق 4 ۾ صوبي جي حدن ۾ تبديلي جي حوالي سان صوبائي اسيمبلي جي ڪردار کي واضح ڪيو ويو آهي. صوبن بابت اهم فيصلا ٽاڪ شوز ۾ نه، پر چونڊيل اسيمبلين جي فلور تي ٿيڻ گهرجن. نون صوبن جا فيصلا ڪنهن ٽي وي چينل جي ريفرنڊم يا سروي ذريعي نٿا ٿي سگهن ۽ صوبي جي ورهاست يا انتظامي تبديلي جو فيصلو روڊن، جلسن ۽ جلوسن ۾ نه، پر آئيني فورم تي ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن سنڌ جي مستقبل جو فيصلو ٿيڻو آهي ته اهو سنڌ اسيمبلي جي فلور تي ٿيڻ گهرجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ اسيمبلي ماضي ۾ پڻ سنڌ جي وحدت بابت ڪيتريون ئي قراردادون منظور ڪري چڪي آهي ۽ اڄ التوا واري رٿ کان پوءِ سنڌ جي وحدت بابت هڪ ٻي قرارداد پڻ ايوان ۾ آڻڻ جي اميد آهي. سنڌ جي مستقبل بابت فيصلو عوام جي چونڊيل نمائندن کي آئيني طريقيڪار تحت ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي وحدت جي معاملي تي سنڌ اسيمبلي جو موقف اڳ به واضح رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ جا عوام پاڪستان سان جيتري محبت ڪن ٿا، پنهنجي صوبائي وحدت سان پڻ اوتري ئي محبت ڪن ٿا. پاڪستان جي سالميت ۽ خودمختياري اسان لاءِ ريڊ لائن آهي، پاڪستان جي آئيني ۽ قانوني حيثيت اسان لاءِ ناقابلِ سمجھوتو آهي ۽ پاڪستان جي وحدت ۽ استحڪام تي ڪو به سمجھوتو نٿو ڪري سگهجي. سنڌ جي سڃاڻپ ۽ پاڪستان سان وابستگي ٻئي اسان لاءِ اهم آهن، اسان پاڪستان کي پنهنجي ريڊ لائن سمجهون ٿا. سينيئر وزير انعام ميمڻ چيو ته هن ايوان جي ٻنهي پاسن کان ميمبرن جون ڪيتريون ئي تقريرون غور سان ٻڌيون آهن. حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي بينچن تان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جو هن مشاهدو ڪيو. گذريل ڪابينا اجلاس کان پوءِ معمول جي بريفنگ دوران کانئس نئين صوبي جي معاملي تي ڪيترائي سوال ڪيا ويا، جن مان ڏهن مان اٺ سوال نئين صوبي جي قيام بابت هئا. هن هر سوال جي جواب ۾ احتياط سان ڳالهائڻ تي زور ڏنو ۽ واضح ڪيو ته نون صوبن جهڙن حساس معاملن تي صبر، تحمل ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. حساس سياسي معاملن کي جذبات بدران صبر ۽ تحمل سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جن سياسي قوتن جون پاليسيون رد ٿي چڪيون آهن، اهي شايد ووٽ بئنڪ لاءِ لساني ڪارڊ استعمال ڪري رهيون آهن. ڪجهه عنصر پنهنجي سياسي مفادن ۽ ووٽ بئنڪ لاءِ لساني سياست کي ٻيهر زنده ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سنڌ جا عوام بي فڪر رهن، سندن چونڊيل نمائندا سنڌ جي مفادن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪندا ۽ پنهنجي صوبي جي مفادن جي تحفظ لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن. هن واضح ڪيو ته نون صوبن جو معاملو ڪنهن به صورت ۾ لساني مسئلو ناهي ۽ سنڌ ۾ اهو سنڌي ۽ مهاجر جو مسئلو پڻ ناهي. سنڌ جي ورهاست جو معاملو سنڌي ڳالهائيندڙن ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ تڪرار نه بڻجڻ گهرجي. سنڌ جي مختلف لساني طبقن وچ ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ درست ناهي ۽ ڪجهه عنصر ماضي وانگر هن معاملي کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. لساني ڪارڊ ذريعي سياسي فائدو حاصل ڪرڻ جون ڪوششون سنڌ جي عوام جي مفاد ۾ ناهن، تنهن ڪري سنڌ جي عوام کي لساني بنيادن تي ورهائڻ واري سياست کي رد ڪرڻو پوندو. شرجيل انعام ميمڻ ماضي جي سياسي بيانن جو حوالو ڏيندي چيو ته 2014ع ۾ ايم ڪيو ايم جي باني پاران سنڌ ون ۽ سنڌ ٽو جي ڳالهه ڪئي وئي. 2014ع ۾ ايم ڪيو ايم جي قيادت پاران سنڌ کي ورهائڻ ۽ الڳ صوبي جي مطالبي بابت بيان سامهون آيا، 2015ع ۾ پڻ ڪراچي کي شهري ۽ ٻهراڙي سنڌ جي روشني ۾ ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، 2016ع ۾ ايم ڪيو ايم جي هڪ ميمبر پاران سنڌ جي ورهاست ۽ نئين صوبي جي مطالبي جو معاملو اٿاريو ويو، جڏهن ته 2018ع ۾ پڻ ايم ڪيو ايم پاران سنڌ ۾ نئين صوبي جو مطالبو ٻيهر سامهون آيو. مختلف وقتن تي سنڌ جي ورهاست يا نئين صوبي جي مطالبي بابت ايم ڪيو ايم جي قيادت جا بيان سامهون ايندا رهيا آهن. هن چيو ته هو اها ڳالهه سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ نه، پر اڳوڻن بيانن ۽ واقعن جي روشني ۾ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ ايم ڪيو ايم جا اسان جا دوست جنهن ڪيفيت ۾ ڳالهائي رهيا آهن، اسان کي انهن سان همدردي آهي. مون کي يقين آهي ته ايوان ۾ موجود اسان جا ڪيترائي دوست شايد اهي تقريرون دل سان نه، پر سياسي حالتن تحت ڪري رهيا آهن. سنڌ جي ورهاست جي معاملي تي ماضي جي بيانن ۽ موجوده موقف وچ ۾ فرق عوام جي سامهون واضح ٿيڻ گهرجي. هن ايوان ۾ موجود سمورن ميمبرن کي سلام پيش ڪندي چيو ته ڪجهه ميمبرن جي باڊي لينگويج سندن لفظن کان مختلف نظر آئي ۽ محسوس ٿيو ته ڪجهه ميمبرن جي گفتگو ۽ سندن حقيقي جذبن ۾ واضح فرق آهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ جي اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ عوام وچ ۾ محبت ۽ ڀائيچارو ساراهه جوڳو آهي. سنڌ جي عوام جي گڏيل محبت سياسي اختلافن کان وڌيڪ مضبوط آهي. ڪجهه سياسي دوست شايد موجوده حالتن ۾ سياسي مجبوري تحت ڪجهه ڳالهيون ڪري رهيا آهن، پر مون کي يقين آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ عوام پڻ سنڌ جي ورهاست نٿا چاهين. ماضي ۾ سياسي قيادت جيڪي موقف اختيار ڪيا، اهي پنهنجي جاءِ تي، پر سنڌ جي عوام جي خواهش ورهاست نه، پر اتحاد آهي. هن چيو ته سنڌ جي ورهاست صرف پيپلز پارٽي يا سنڌي ڳالهائيندڙن جو مسئلو ناهي. سنڌ جي وحدت جو معاملو ڪنهن هڪ سياسي جماعت يا ڪنهن هڪ لساني طبقي تائين محدود ناهي. سنڌ ۾ رهندڙ هر شخص، چاهي ڪنهن به ٻولي يا قوميت سان تعلق رکي، سنڌ جي ورهاست نٿو چاهي. سنڌ جا غير سياسي ۽ مختلف لساني طبقن سان تعلق رکندڙ شهري پڻ سنڌ کي ورهائڻ جي حق ۾ ناهن. سنڌ جي وحدت جي تحفظ جو موقف سنڌ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن جو گڏيل موقف هجڻ گهرجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ جي ورهاست جي معاملي تي مختلف ماڻهن جا ڪيترائي وڊيو ڪلپس موجود آهن، تنهن هوندي به وقت جي پابندي سبب هن صرف ڇهه ست اهم ڪلپس ايوان جي سامهون رکيا آهن. انهن ڪلپس ۾ موجود سمورا ماڻهو سنڌ اسيمبلي جا ميمبر ناهن. هن معزز ميمبرن کي چيو ته انهن مهمانن جو تاڙيون وڄائي آجيان ڪئي وڃي، جن سنڌ جي معاملي تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته انهن جي همت افزائي ٿيڻ گهرجي ۽ سنڌ جي معاملي تي آواز اٿاريندڙن کي ايوان پاران خراجِ تحسين پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته جن ماڻهن جا وڊيو ڪلپس پيش ڪيا ويا، انهن مان ڪو به پيپلز پارٽي سان تعلق نٿو رکي ۽ نه ئي ڪو سنڌي ڳالهائيندڙ يا پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل شخص شامل هو. انهن وڊيو ڪلپس ۾ مشهور ۽ آزاد صحافين سميت مختلف غيرجانبدار شخصيتن جا بيان شامل هئا، جيڪي پنهنجي غيرجانبدار حيثيت ۽ صحافتي خدمتن جي حوالي سان مشهور آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن کي الڳ الڳ خانن ۾ ورهائڻ درست ناهي. اردو پاڪستان جي قومي ٻولي آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ رابطي ۽ اظهار لاءِ استعمال ٿيندي آهي. مان پاڻ اردو ڳالهائيندو آهيان ۽ اڄ ايوان ۾ اردو ٻوليءَ ۾ ڳالهائي رهيو آهيان. وفاقي سطح تي پڻ سرڪاري معاملن ۽ اجلاسن ۾ اردو ٻولي استعمال ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته پاڪستان جي ڊرامن، فلمن ۽ خبرن ۾ پڻ اردو وڏي پيماني تي استعمال ٿئي ٿي. سنڌ ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن کي اسان پنهنجو ڀاءُ سمجهون ٿا، چاهي انهن جو تعلق ڪنهن به ٻوليءَ سان هجي. مختلف لساني طبقن وچ ۾ ڀائيچاري ۽ گڏيل احترام کي هٿي ڏيڻ گهرجي ۽ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ فرق جو تاثر ختم ڪري هڪ ٻئي کي پنهنجو ڀاءُ سمجهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان کي آزاد ٿئي 75 کان وڌيڪ سال گذري چڪا آهن، هاڻي اسان کي پراڻي ورهاست واري سياست کان اڳتي وڌڻو پوندو. هاڻي ايوان ۾ روزگار جي فراهمي ۽ عوامي مسئلن جي حل بابت ايجنڊا موشن اچڻ گهرجي. حڪومت ۽ مخالف ڌر کي عوام کي روزگار ڏيڻ جي طريقن تي سنجيده بحث ڪرڻ گهرجي ۽ عوام جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ايوان ۾ عملي تجويزون ۽ قدم بحث هيٺ اچڻ گهرجن. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي گورننس جو مسئلو نظر اچي ٿو ته ان تي ضرور ڳالهه ڪئي وڃي، تنهن هوندي به گورننس جي مسئلن جو حل نئون صوبو يا انتظامي يونٽ ٺاهڻ نٿو ٿي سگهي. ڪنهن اداري ۾ انتظامي مسئلو پيدا ٿئي ته ان کي الڳ صوبو يا انتظامي يونٽ بڻائڻ مسئلي جو حل ناهي. اسلام آباد جي اسپتال ۾ 14 معصوم ٻارن جي فوت ٿيڻ کي انتظامي يونٽ ٺاهڻ سان ڳنڍڻ درست ناهي. جيڪڏهن هر گورننس جي مسئلي جو حل نئون انتظامي يونٽ ٺاهڻ آهي ته هر اداري لاءِ الڳ نظام ٺاهڻو پوندو. گورننس بهتر بڻائڻ لاءِ موجوده نظام ۾ سڌارن ۽ اثرائتن انتظامي قدمن جي ضرورت آهي. ايوان جي ترجيح سياسي ورهاست نه، پر عوام کي روزگار، بهتر سهولتون ۽ مسئلن جو حل فراهم ڪرڻ هجڻ گهرجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هن ڌرتي اسان سڀني کي ڇانوَ ڏني آهي، ان کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون نه ٿيڻ گهرجن. سنڌ جي ورهاست واري معاملي کي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. پنجاب اسيمبلي 9 مئي 2012ع تي ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام ۽ بهاولپور صوبي جي بحالي جون قراردادون منظور ڪري چڪي آهي. جڏهن پنجاب اسيمبلي ۾ نون صوبن بابت قراردادون منظور ٿي چڪيون آهن ته اتي هن معاملي تي خاموشي ڇو آهي؟ جيڪڏهن نون صوبن جو معاملو آئيني آهي ته ان جي شروعات انهن صوبن کان پڻ ٿيڻ گهرجي، جتي لاڳاپيل قراردادون اڳ ئي منظور ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته جيڪا جماعت پاڻ کي سڄي پاڪستان جي جماعت قرار ڏئي ٿي، ان کي وفاقي ڪابينا ۾ پڻ نون صوبن جو معاملو اٿارڻ گهرجي. سوال اهو آهي ته وفاقي حڪومت آڏو ڏکڻ پنجاب ۽ بهاولپور بابت قراردادون ڪيترا ڀيرا پيش ڪيون ويون آهن؟ سنڌ جي معاملي تي گوڙ ڪندڙن کي پنجاب اسيمبلي پاران منظور ڪيل قرارداد تي پڻ پنهنجو موقف واضح ڪرڻ گهرجي. نون صوبن جي معاملي ۾ سڀني وفاقي وحدتن لاءِ هڪ ئي اصول اختيار ڪرڻ گهرجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف پارٽي اڳواڻن کي نون صوبن جي معاملي تي ڳالهائڻ کان روڪڻ جي هدايت ڪئي. پنجاب ۾ پڻ حڪومت آهي ۽ وفاق ۾ پڻ، پوءِ پارٽي قيادت نون صوبن جي معاملي تي ڳالهائڻ کان ڇو روڪيو؟ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪري چڪو آهي ته نون صوبن جو فيصلو لاڳاپيل صوبائي اسيمبلين کي ڪرڻ گهرجي. پنجاب بابت فيصلو پنجاب اسيمبلي، سنڌ بابت سنڌ اسيمبلي، خيبر پختونخوا بابت لاڳاپيل اسيمبلي ۽ بلوچستان بابت بلوچستان اسيمبلي کي ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن پنجاب ۾ نئين صوبي بابت قراردادون موجود آهن ته پهريان اتي ان معاملي تي بحث ۽ فيصلو ڪيو وڃي. هن چيو ته نون صوبن جي معاملي تي لاڳاپيل صوبائي اسيمبلين جو موقف سامهون اچڻ گهرجي. سنڌ اسيمبلي ماضي ۾ پڻ سنڌ جي وحدت بابت ڪيترائي ڀيرا پنهنجو فيصلو ڏئي چڪي آهي ۽ اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ اسيمبلي سنڌ جي وحدت بابت پنهنجو واضح فيصلو ٻڌائڻ وڃي رهي آهي. سنڌ جي مستقبل بابت فيصلو آئيني ۽ قانوني طريقيڪار تحت چونڊيل ايوان ۾ ئي ٿيڻ گهرجي ۽ نون صوبن جي معاملي تي سڀني صوبن لاءِ هڪ ئي آئيني اصول ۽ طريقيڪار اختيار ڪيو وڃي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اسان کي ڀائيچاري ۽ قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيڻي پوندي. پاڪستان هڪ گلدستو آهي، جنهن ۾ چارئي صوبا، مختلف ٻوليون ۽ مختلف ثقافتون شامل آهن. پاڪستان جي حقيقي خوبصورتي ان جي مختلف صوبن، ٻولين ۽ ثقافتن جي ميلاپ ۾ آهي. پاڪستان جي رنگارنگيءَ جو سڀ کان خوبصورت مثال سنڌ صوبي ۾ نظر اچي ٿو، جتي ڪراچي ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ۽ مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو گڏجي رهن ٿا. سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌي، اردو، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي سميت مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ نمائندا موجود آهن، جڏهن ته مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ نمائندا پڻ ايوان جو حصو آهن. هن چيو ته ڪراچي صرف هڪ ميٽروپوليٽن شهر ناهي، پر مختلف قوميتن ۽ ثقافتن جي ميلاپ جي علامت آهي. سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پڻ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ۽ مختلف ثقافتن سان تعلق رکندڙ ماڻهو آباد آهن. سنڌ جي اصل طاقت ان جو ثقافتي، لساني ۽ مذهبي رنگ آهن ۽ پاڪستان جي وحدت ۽ خوبصورتي انهيءَ رنگن ۾ اتحاد قائم رکڻ سان آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سکر جو ميئر اردو ڳالهائيندڙ سنڌي آهي، جڏهن ته نوابشاهه مان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر جاويد آرائين پنجابي ڳالهائيندڙ آهي. جاويد آرائين تقريباً 70 هزار ووٽ حاصل ڪيا، جن مان تقريباً 20 هزار ووٽ پنجابي ڳالهائيندڙ ووٽرن، جڏهن ته 50 هزار ووٽ ٻين ووٽرن ڏنا. اهو ان ڳالهه جو مثال آهي ته سنڌ جا عوام لساني فرق کان مٿانهان ٿي پنهنجي نمائندن جو انتخاب ڪن ٿا. سنڌ جي عوام جو اهو ئي طرزِ عمل گڏيل محبت ۽ ڀائيچاري جو بهترين مثال آهي. هن چيو ته سنڌ جا عوام امن پسند ۽ روشن خيال سوچ رکندڙ آهن، اهي لساني تعصب ۽ نفرت جي سياست کي رد ڪن ٿا. سنڌ جي ماڻهن جي سوچ لساني نفرتن کان پاڪ ۽ انسان دوستي تي ٻڌل آهي. سنڌ ۾ ماڻهو ٻولي ۽ نسل بدران انسان کي انسان جي حيثيت سان ڏسن ٿا. اهو ئي سبب آهي ته سنڌ جي ڌرتي مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن وچ ۾ محبت، ڀائيچاري، اتحاد ۽ رواداري جي علامت آهي.












