اسلام آباد - 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، صحت جي شعبي ۾ سڌارن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس اينڊ ريسرچ سينٽر ۽ فيڊرل گورنمينٽ پولي ڪلينڪ فيز 2 ايڪسٽينشن …
عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، صحت جي شعبي ۾ سڌارن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، صحت جي شعبي ۾ سڌارن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس اينڊ ريسرچ سينٽر ۽ فيڊرل گورنمينٽ پولي ڪلينڪ فيز 2 ايڪسٽينشن جي تعمير جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، صحت جي شعبي ۾ سڌارن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. اجلاس ۾ تجويز ڪيل جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس اينڊ ريسرچ سينٽر جي عمارت جي تعمير جي حوالي سان مختلف تعميراتي ڊيزائن ۽ تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس کي پولي ڪلينڪ فيز 2 ايڪسٽينشن جي تعمير ۾ اڳڀرائي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ سيڪٽر جي – 11 ۾ تعمير هيٺ فيڊرل گورنمينٽ پولي ڪلينڪ ايڪسٽينشن کي جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي پهرين فيز جي طور تي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان فيصلي جو مقصد اسپتال کي جلد فعال ڪرڻ ۽ شهرين کي صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي پهرين فيز کي مارچ 2027ع تائين مڪمل ڪيو وڃي، جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس اينڊ ريسرچ سينٽر جي پهرين فيز کي جديد ۽ اسٽيٽ آف دي آرٽ اسپتال ٺاهڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا وڃن، ان اسپتال ۾ جديد ۽ هاءِ ٽيڪ مشينري هڻڻ کي يقيني بڻايو وڃي، منصوبي جي اڳڀرائي سان گڏوگڏ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن جاري رکي وڃي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفى ڪمال، پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري ۽ لاڳاپيل اعلى سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.











