وزيراعظم محمد شهباز شريف جو نيپال جي سفارتخاني جو دورو، نيپال جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ يڪجهتي جو ورجاءُ

اسلام آباد - 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيپال جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته نيپال جي باهمت عوام ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ سانحي مان وڌيڪ مضبوط ٿي اڀرندي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اسلام آباد ۾ نيپال جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ نيپال …

اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيپال جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته نيپال جي باهمت عوام ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ سانحي مان وڌيڪ مضبوط ٿي اڀرندي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اسلام آباد ۾ نيپال جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ نيپال ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيدنگ جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جي ياد جي حوالي سان تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر لکيا. وزيراعظم جو نيپال جي سفير ريٽا دهيتال سفارتخاني پهچڻ تي استقبال ڪيو. وزيراعظم سان گڏ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، خاص معاون سيد طارق فاطمي، پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ ٻيا اعلى عملدار پڻ موجود هئا. پنهنجي تعزيتي جملن ۾ وزيراعظم پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران حڪومت ۽ نيپال جي عوام خاص طور تي ان سانحي ۾ پنهنجي پيارن کان محروم ٿيندڙ سوڳوار خاندانن سان گهري همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم نيپال جي وزيراعظم بالندر شاهه سان ٽيليفون تي ٿيل تازي ڳالهه ٻولهه ۾ پنهنجي جذبن جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي ته پاڪستان ان ڏک جي گهڙيءَ ۾ نيپال سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. وزيراعظم نيپالي سفير کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان هلندڙ هفتي جي آخر ۾ نيپال جي لاءِ هنگامي امدادي سامان روانو ڪندو ته جيئن اتي جاري امداد ۽ بحالي جي ڪاررواين ۾ مدد فراهم ڪري سگهجي. وزيراعظم نيپال جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته نيپال جي باهمت عوام ان سانحي مان وڌيڪ مضبوط ٿي اڀرندي. وزيراعظم پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ ويجهي ۽ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ٻئي ملڪ ضرورت جي وقت هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهندا. نيپال جي سفير ريٽا دهيتال وزيراعظم جي همدرداڻي ۽ حوصلا جوڳي جملن تي سندس ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستاني قيادت پاران يڪجهتي جي اظهار کي نيپال جي عوام ياد رکندي. هن وزيراعظم کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي موجوده صورتحال کان پڻ آگاهه ڪيو.