وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاران ناروي جي بادشاهه هاڪون هشتم کي تخت ناروي سنڀالڻ تي دلي مبارڪون

اسلام آباد - 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ناروي جي بادشاهه هاڪون هشتم کي تخت ناروي سنڀالڻ تي دلي مبارڪباد ڏني آهي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ناروي جي نئين بادشاهه جي نالي پنهنجي خط ۾ وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سندس قيادت ۾ …

اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ناروي جي بادشاهه هاڪون هشتم کي تخت ناروي سنڀالڻ تي دلي مبارڪباد ڏني آهي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ناروي جي نئين بادشاهه جي نالي پنهنجي خط ۾ وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سندس قيادت ۾ ناروي امن، جمهوريت، خوشحالي ۽ سماجي ترقي جي راهه تي وڌيڪ اڳتي وڌندو رهندو. هن بادشاهه هاڪون هشتم جي لاءِ ناروي جي خودمختيار سربراهه جي حيثيت سان سندس حوالي ڪيل اهم ذميوارين کي بهتر انداز ۾ اڳتي وڌائڻ ۾ ڪاميابي جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ پراڻي دوستي ۽ گڏيل احترام جي رشتن جو ورجاءُ ڪندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ٻئي ملڪ ۽ انهن جي عوام جي وچ ۾ گرمجوش ۽ دوستاڻا لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن زور ڏنو ته پارلياماني تعاون ۾ فروغ ۽ عوامي سطح تي رابطن ۾ اضافو انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اهم ذريعو ثابت ٿيندا.