وزيراعظم يوٿ پروگرام، ايزمر ۽ ڪاروٽ سسٽمز جي وچ ۾ ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون

اسلام آباد - 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام، ايزمر ۽ ڪاروٽ سسٽمز جي وچ ۾ ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون ڪيون ويون آهن. خميس ڏينهن وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ ايزمر ۽ ڪاروٽ سسٽمز جي ڪنسورشيم جي وچ ۾ وزيراعظم آفيس ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي ترقي جي لاءِ گڏيل تعاون جي …

اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام، ايزمر ۽ ڪاروٽ سسٽمز جي وچ ۾ ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون ڪيون ويون آهن. خميس ڏينهن وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ ايزمر ۽ ڪاروٽ سسٽمز جي ڪنسورشيم جي وچ ۾ وزيراعظم آفيس ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي ترقي جي لاءِ گڏيل تعاون جي مختلف امڪانن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ تعليم، هنرمندين جي ترقي، ڪاروباري صلاحيتن جي فروغ، ڊيجيٽل تعليم، صلاحيت ۾ اضافي ۽ نوجوانن جي اخلاقي ۽ ڪردارسازي جي حوالي سان تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن جو مقصد ملڪ جي نوجوانن جي لاءِ وڌيڪ بهتر موقعا پيدا ڪرڻ آهي. صحيحن واري تقريب ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان شرڪت ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ ايزمر ۽ ڪاروٽ سسٽمز جي ڪنسورشيم جا نمائندا موجود هئا. اها حصيداري مستقبل ۾ نوجوانن جي لاءِ گڏيل پروگرامز ۽ سرگرمين جي شروعات جي لاءِ هڪ گڏيل فريم ورڪ فراهم ڪندي. ايزمر هڪ ڪنسلٽنگ ۽ ٽريننگ ادارو آهي جيڪو تنظيمي اخلاقيات، صلاحيت ۾ اضافي، هنرمندين جي ترقي، ڪاروباري تربيت، موٽيويشنل پروگرامز ۽ اداراجاتي تربيت جي شعبن ۾ خدمتون فراهم ڪري ٿو جڏهن ته ڪاروٽ سسٽمز آءِ ٽي ڪنسلٽنگ ۽ ٽريننگ جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ادارو آهي جيڪو ڊيجيٽل تعليم، آءِ ٽي انفراسٽرڪچر، ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ ڪمپيوٽر لٽريسي ٽريننگ ۾ مهارت رکي ٿو. ٻئي ادارا گڏجي تربيت، ڊيجيٽل تعليم، صلاحيت ۽ هنرمندين جي ترقي جي شعبن ۾ وسيع تجربو رکن ٿا. حصيداري ۾ تعاون جي اهم شعبن ۾ تعليم، صلاحيت ۾ اضافي، آءِ ٽي ۽ ڊيجيٽل مهارتن، استادن ۽ شاگردن جي تربيت، ڪاروباري صلاحيتن جو فروغ، هنرمندين جي ترقي، ڪيريئر ڪونسلنگ، ڊيجيٽل لرننگ، صحت ۽ ماحولياتي آگاهي، اخلاقي ۽ ڪردارسازي ۽ تعليم ۾ ٽيڪنالاجي جي موثر استعمال سميت ٻيا شعبا شامل آهن. ان حصيداري جي ذريعي اهڙن جديد پروگرامز ۽ قدمن جا امڪان ڳوليا ويندا جيڪي نوجوانن جي لاءِ تعليمي ۽ سکڻ جي موقعن کي بهتر بڻائڻ، روزگار جي لاءِ ضروري مهارتون پيدا ڪرڻ ۽ ڪاروباري صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿين. ڌرين ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي نوجوانن جي لاءِ اهڙي بامقصد قدمن کي فروغ ڏنو ويندو جيڪي انهن کي هنرمند، باصلاحيت، ذميوار ۽ مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ بڻائڻ ۾ مددگار هجن.