اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جي صدارت هيٺ پيٽروليم اسمن جي قيمتن بابت ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ قيمتن جي تعين جي موجوده نظام جو جائزو ۽ ٻارڻ جي قيمتن کي وڌيڪ شفاف ۽ اڳڪٿي جوڳو (Predictable) بڻائڻ سان گڏوگڏ صارفين کي قيمتن ۾ غير ضروري لاهن چاڙهن کان تحفظ فراهم ڪرڻ جي قدمن تي غور ڪيو ويو. پيٽروليم ڊويزن …
پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جي صدارت هيٺ پيٽروليم اسمن جي قيمتن بابت ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جي صدارت هيٺ پيٽروليم اسمن جي قيمتن بابت ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ قيمتن جي تعين جي موجوده نظام جو جائزو ۽ ٻارڻ جي قيمتن کي وڌيڪ شفاف ۽ اڳڪٿي جوڳو (Predictable) بڻائڻ سان گڏوگڏ صارفين کي قيمتن ۾ غير ضروري لاهن چاڙهن کان تحفظ فراهم ڪرڻ جي قدمن تي غور ڪيو ويو. پيٽروليم ڊويزن واري ترجمان موجب ڪميٽي موجوده قيمتن جي تعين جي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ ڪيترن ئي سفارشن تي اتفاق ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ته حتمي رپورٽ جلد غور ۽ منظوري لاءِ وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي. ڊيزل جي قيمتن جي تعين جي حوالي سان ڪميٽي هنگامي صورتحال ۾ قاعدن ۽ ضابطن تحت امڪاني مداخلت لاءِ رهنما اصولن جي منظوري ڏني. ڪميٽي پيٽرول جي قيمتن جي تعين جي فارمولي بابت سفارشن جو به جائزو ورتو ويو ۽ پيٽرول جي قيمتن کي جون 2027ع تائين ڊي ريگوليٽ ڪرڻ جو امڪاني هدف مقرر ڪيو وڃي ته جيئن چٽاڀيٽي ۽ مارڪيٽ تي ٻڌل قيمتن جي نظام طرف مسلسل منتقلي کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ صارفين کي قيمتن ۾ غير ضروري لاهن چاڙهن کان تحفظ حاصل ٿئي. اجلاس ۾ موجوده آ ايف اي ايم جي نظام جو به جائزو ورتو ويو ۽ آءِ ايف اي ايم جي حساب لاءِ نظرثاني ٿيل طريقيڪار تي اتفاق ڪيو ويو. اوگرا خاطري ڪرائي ته مالي سال 2026ع لاءِ آءِ ايف اي ايم جو آڊٽ ڪلينڊر سال 2026ع جي پڄاڻي تائين مڪمل ڪيو ويندو. ڪميٽي هدايت ڪئي ته اوگرا موجوده آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي استحڪام ۽ ڪارڪردگي خاص ڪري بهترين طريقيڪار ۽ جديد ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ جي حوالي سان لکت ۾ سفارشون پيش ڪري. اجلاس ۾ قيمتن جي استحڪام جي فنڊ بابت ذيلي ڪميٽين جي رپورٽ جو پڻ جائزو ورتو ويو. ڪميٽي ذيلي گروپ کي پنهنجون تجويزون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي ، جڏهن ته ڪميٽي مشاهدو ڪيو ته مارڪيٽ جي حتمي ڊي ريگوليشن کي نظر ۾ رکندي استحڪام جي فنڊ جي قيام بدران مناسب مقدار ۾ ٻارڻ جي ذخيرن کي برقرار رکڻ وڌيڪ موزون هوندو.











