اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي)مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته سيرت طيبه ۾ اسان جي سمورن مسئلن جو حل موجود آهي، نوجوانن کي علم ۽ اخلاق جو مضبوط بنياد فراهم ڪرڻ لاءِ اسان کي نبي پاڪ ﷺ جي زندگي مبارڪ تي عمل ڪرڻو پوندو. خميس ڏينهن سيرت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته نوجوان نسل اسان جو قيمتي اثاثو آهن، نوجوانن ۾ برداشت …
نوجوانن کي علم ۽ اخلاق جو مضبوط بنياد فراهم ڪرڻ لاءِ اسان کي نبي پاڪ ﷺ جي زندگي مبارڪ تي عمل ڪرڻو پوندو: سردار محمد يوسف

مزید خبریں
اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي)مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته سيرت طيبه ۾ اسان جي سمورن مسئلن جو حل موجود آهي، نوجوانن کي علم ۽ اخلاق جو مضبوط بنياد فراهم ڪرڻ لاءِ اسان کي نبي پاڪ ﷺ جي زندگي مبارڪ تي عمل ڪرڻو پوندو. خميس ڏينهن سيرت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته نوجوان نسل اسان جو قيمتي اثاثو آهن، نوجوانن ۾ برداشت رواداري ۽ اخوت کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، سيرت طيبه ۾ اسان جي سمورن مسئلن جو حل موجود آهي، نوجوانن کي سيرت طيبه جي روشني ۾ علم ۽ اخلاق جا مضبوط بنياد فراهم ڪرڻا پوندا، نوجوانن تي اعتماد ڪري کين موقعا فراهم ڪرڻ يقيني بڻائڻو پوندو ۽ کين اي آءِ ۽ ٽيڪنالاجي سميت جديد علم سان ليس ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سيرت طيبه اسان کي اخوت، ديانتداري ۽ رواداري جو درس ڏي ٿي، نبي پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جي زندگي مبارڪ مان اسان کي انسانيت جي احترام جو درس ملي ٿو. هن چيو ته خطي ۾ امن لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪردار کي دنيا ساراهي رهي آهي، مڪه گڏيل دفاعي معاهدي سان دنيا ۾ امن جي راهه هموار ٿيندي، هن چيو ته اچو ته سڀ گڏجي عهد ڪريون ته ملڪي ترقي ۽ نوجوانن جي بهتري لاءِ گڏجي قدم کڻنداسين.











