اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير اويس احمد لغاري جي صدارت هيٺ 118 ڪسٽمر ڪيئر سروس جي ڪارڪردگي جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سمورن ڊسڪوز جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندي 118 تي ملندڙ صارفين جي شڪايتن، انهن جي وقت سر ازالي ۽ مقرر وقت کان وڌيڪ وقت ۾ حل نه ٿيڻ وارين شڪايتن جو تفصيلي تجزيو ڪيو ويو. پاور ڊويزن جي ترجمان …
توانائي واري وفاقي وزير اويس احمد لغاري جي صدارت هيٺ 118 ڪسٽمر ڪيئر سروس جي ڪارڪردگي جي حوالي سان جائزه اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير اويس احمد لغاري جي صدارت هيٺ 118 ڪسٽمر ڪيئر سروس جي ڪارڪردگي جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سمورن ڊسڪوز جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندي 118 تي ملندڙ صارفين جي شڪايتن، انهن جي وقت سر ازالي ۽ مقرر وقت کان وڌيڪ وقت ۾ حل نه ٿيڻ وارين شڪايتن جو تفصيلي تجزيو ڪيو ويو. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته آگسٽ 2026ع دوران هيلپ لائين 118 تي اٽڪل 16 لک 40 هزار شڪايتون مليون، جن مان 99.18 سيڪڙو شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو، حل ڪيل شڪايتن ۾ اٽڪل 94.95 سيڪڙو ازالو مقرر وقت اندر ڪيو ويو، جڏهن ته 5.05 شڪايتون مقرر مدي کانپوءِ حل ٿيون، وفاقي وزير هدايت ڪئي ته نيپرا طرفان مختلف قسمن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ مقرر مدي تي سختي سان عملدرآمد ڪيو وڃي. اجلاس ۾ بجلي جي بندش، لائن فالٽ ۽ وولٽيج جي مسئلن بابت شڪايتن جو به تفصيلي جائزو ورتو ويو، جيڪو مجموعي شڪايتن جو اٽڪل 77 سيڪڙو آهي، ان اهم نوعيت جي شڪايتن جي وقت سر ازالي جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. وفاقي وزير سمورن ڊسڪوز جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو شڪايتن جي وقت سر ازالي جي مسلسل نگراني ڪن ۽ مقرر مدي ۾ شڪايتون حل نه ڪندڙ ذميوارن خلاف ڪارروائي يقيني بڻائين. وفاقي وزير چيو ته صارفين کي بهتر خدمتن جي فراهمي لاءِ ڊسڪوز جي ڪارڪردگي ۽ جوابدهي جي موجوده طريقيڪار کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ امڪانن جو جائزو ورتو ويندو ته جيئن گهربل بهتري وقت سر يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته 118 ڪسٽمر ڪيئر سروس صارفين کي بجلي بابت مسئلا ۽ شڪايتون بنا معاوضي جي سڌي ريت داخل ڪرڻ جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٿيون جن ذريعي صارفين ڪنهن به وچئين ماڻهو يا نمائندي کانسواءِ پنهنجي شڪايت لاڳاپيل نظام ۾ داخل ڪرائي سگهن ٿا. صارفين کي 7 مختلف ٻولين ۾ شڪايتون داخل ڪرائڻ انهن جي اڳڀرائي ٽريڪ ڪرڻ ۽ شڪايتن جي ازالي کانپوءِ فيڊ بيڪ ملڻ جون سهولتون پڻ حاصل آهن، جڏهن ته مقرر وقت ۾ شڪايتن جو ازالو نه ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو پاڻ مرادو ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل سطح تائين پهچايو وڃي ٿو.











