سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 11 هزار 200 روپين جي واڌ

اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي)سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 11 هزار 200 روپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 65 هزار 236 روپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسئيشن موجب خميس ڏينهن سون جي في تولي جي قيمت ۾ 11 هزار 200 روپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 65 هزار 236 روپين جو ٿي ويو آهي، 24 قيراط سون جي …

اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي)سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 11 هزار 200 روپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 65 هزار 236 روپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسئيشن موجب خميس ڏينهن سون جي في تولي جي قيمت ۾ 11 هزار 200 روپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 65 هزار 236 روپين جو ٿي ويو آهي، 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت ۾ به 9 هزار 602 روپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 89 هزار 262 روپين کان وڌي 3 لک 98 هزار 864 روپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 56 هزار 836 روپين کان وڌي 3 لک 65 هزار 638 روپيا ٿي وئي، آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته چاندي جي في تولي جي قيمت 185 روپين جي واڌ کانپوءِ 7 هزار 44 روپيا ٿي وئي.