حيدرآباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ اعليٰ تعليم ۾ مصنوعي ذهانت جي انضمام ۽ عملي استعمال بابت چار ڏينهن وارو پيشوراڻو تربيتي پروگرام پڄاڻي تي پهچي ويو، جنهن ۾ يونيورسٽي جي لڳ ڀڳ 30 فيڪلٽي ميمبرن تدريس، تحقيق ۽ تعليمي انتظامي معاملن ۾ جديد اي آءِ ٽولز جي عملي استعمال بابت تربيت حاصل ڪئي، يونيورسٽي جي ترجمان موجب هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي نيشنل اڪيڊمي آف هائير …
سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ اعليٰ تعليم ۾ مصنوعي ذهانت جي استعمال بابت تربيتي پروگرام پڄاڻي تي پهتو
حيدرآباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ اعليٰ تعليم ۾ مصنوعي ذهانت جي انضمام ۽ عملي استعمال بابت چار ڏينهن وارو پيشوراڻو تربيتي پروگرام پڄاڻي تي پهچي ويو، جنهن ۾ يونيورسٽي جي لڳ ڀڳ 30 فيڪلٽي ميمبرن تدريس، تحقيق ۽ تعليمي انتظامي معاملن ۾ جديد اي آءِ ٽولز جي عملي استعمال بابت تربيت حاصل ڪئي، يونيورسٽي جي ترجمان موجب هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي نيشنل اڪيڊمي آف هائير ايجوڪيشن جي سهڪار سان ٿيل هن تربيتي پروگرام جو مقصد شروعاتي ۽ وچين ڪيريئر وارن استادن، خاص طور تي ليڪچرارن ۽ اسسٽنٽ پروفيسرن جي پيشوراڻي صلاحيتن ۾ واڌارو آڻڻ ۽ اعليٰ تعليم ۾ مصنوعي ذهانت جي تيزيءَ سان وڌندڙ ڪردار کان کين روشناس ڪرائڻ هو، تربيتي پروگرام پلانٽ بريڊنگ اينڊ جينيٽڪس شعبي ۾ قائم انٽرايڪٽو اسمارٽ ڪلاس روم ذريعي منعقد ڪيو ويو، جتي چار ڏينهن تائين روزانو صبح 9 وڳي کان شام 4 وڳي تائين ماهرن پاران آن لائين تربيتي سيشن منعقد ڪيا ويا. ملڪ جي مختلف سرڪاري يونيورسٽين جي فيڪلٽي ميمبرن پڻ پنهنجن پنهنجن اسمارٽ ڪلاس رومن ذريعي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، تربيتي سيشن دوران نصاب جي تياري، تدريس جي طريقن، تعليمي تحقيق، شاگردن جي جائزي ۽ انتظامي معاملن ۾ مصنوعي ذهانت جي عملي استعمال تي ڌيان ڏنو ويو. شرڪت ڪندڙن کي جديد اي آءِ ٽولز ذريعي اعليٰ تعليم جي معيار، ڪارڪردگي ۽ اثرن کي بهتر بڻائڻ جي مختلف طريقن بابت پڻ آگاهي ڏني وئي، تربيتي پروگرام ۾ ڊاڪٽر فريحا عظمت ٽرينر طور خدمتون انجام ڏنيون. پڄاڻي واري سيشن دوران اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ مصنوعي ذهانت جي وڌندڙ اهميت کي اجاگر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته استاد تدريس، تحقيق ۽ سکيا جي عمل کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ جديد، ذميواراڻا ۽ اخلاقي اي آءِ طريقا اختيار ڪن، تربيتي پروگرام سنڌ زرعي يونيورسٽي جي فيڪلٽي ميمبرن کي جديد اي آءِ طريقن سان عملي طور روشناس ٿيڻ ۽ انهن کي تدريسي ۽ تحقيقي سرگرمين کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو.












