اسلام آباد - 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دانش يونيورسٽي ۾ معاشي طور تي ڪمزور طبقي جي ذهين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي عالمي معيار جي تعليم يقيني بڻائي ويندي، دانش يونيورسٽي جي قيام ۾ ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو وڃي ته ان جو نظام روايتي يونيورسٽين کان جدا ۽ بهترين رکيو وڃي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان …
دانش يونيورسٽي ۾ معاشي طور تي ڪمزور طبقي جي ذهين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي عالمي معيار جي تعليم يقيني بڻائي ويندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دانش يونيورسٽي ۾ معاشي طور تي ڪمزور طبقي جي ذهين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي عالمي معيار جي تعليم يقيني بڻائي ويندي، دانش يونيورسٽي جي قيام ۾ ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو وڃي ته ان جو نظام روايتي يونيورسٽين کان جدا ۽ بهترين رکيو وڃي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ دانش يونيورسٽي بابت جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته يونيورسٽي جي تعمير جي مقرر مدي سان گڏ منصوبي جا تفصيل ايندڙ ٻن هفتن ۾ جوڙي پيش ڪيا وڃن. هن چيو ته دانش يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي پٺيان مرڪزي محرڪات مان اولين، غريب ۽ وچولي طبقي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي عالمي معيار جي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي فراهمي آهي، يونيورسٽي جي آئوٽ ريچ پروگرام ۾ ان عنصر کي اهميت ڏني وڃي ته معاشي طور تي ڪمزور ۽ وچولي طبقي جي ٻارن کي ان جي آگاهي ۽ پهچ يقيني بڻائي وڃي. اجلاس کي دانش يونيورسٽي جي بورڊ پاران عالمي معيار جي فيڪلٽي ۽ تعمير جي پلان ۽ مرحلن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته دانش يونيورسٽي ۾ عالمي يونيورسٽين مان ڊگري يافته عالمي شهرت رکندڙ فيڪلٽي جون تدريسي خدمتون حاصل ڪيون وينديون جنهن جي لاءِ فيڪلٽي سان گڏوگڏ آمريڪا جي ناليواري ڪاليج جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ قدم حتمي مرحلن ۾ آهن. اجلاس کي فيڪلٽي جي تفصيلن ۽ ڪاليج سان تدريسي نظام جي حوالي سان تازي ڳالهه ٻولهه تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي جي تعمير عالمي سطح تي لاڳو اسٽيٽ آف دي آرٽ ڪئمپس ڊيزائن موجب ڪئي ويندي جنهن جي لاءِ بڊنگ جلد ڪئي ويندي. اجلاس کي يونيورسٽي جي تجويز ڪيل ڊيزائن ۽ پلان پڻ ڏيکاريو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، دانش يونيورسٽي جي بورڊ جي ميمبرن ۽ لاڳاپيل اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.











