نبي ڪريم ﷺ جي حيات طيبه اسان جي لاءِ اسوه حسنه آهي، سيرت طيبه تي عمل پيرا ٿي اسان دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 03 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته نبي ڪريم ﷺ جي حيات طيبه اسان جي لاءِ اسوه حسنه آهي، سيرت طيبه تي عمل پيرا ٿي اسان دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا. خميس ڏينهن هتي عورتن بابت اسلام آباد ماڊل ڪاليج ۾ قومي رحمت اللعالمين ۽ خاتم النبين اٿارٽي جي اهتمام هيٺ ربيع الاول …

اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته نبي ڪريم ﷺ جي حيات طيبه اسان جي لاءِ اسوه حسنه آهي، سيرت طيبه تي عمل پيرا ٿي اسان دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا. خميس ڏينهن هتي عورتن بابت اسلام آباد ماڊل ڪاليج ۾ قومي رحمت اللعالمين ۽ خاتم النبين اٿارٽي جي اهتمام هيٺ ربيع الاول جي تقريبن جي سلسلي ۾ هڪ ڏينهن واري سيمينار “سيرت جو پيغام، نوجوانن جي نالي” کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قرآن ڪريم ۾ الله تعالى پنهنجي محبوب نبي ڪريم ﷺ جي ذات اقدس جو ذڪر انتهائي شان ۽ عظمت سان فرمايو آهي. هن چيو ته الله تعالى نبي ڪريم ﷺ کي بيشمار معجزا عطا فرمايا جن ۾ قرآن مجيد به هڪ عظيم معجزو آهي، نبي ڪريم ﷺ ڪائنات تخليق ڪرڻ جا سبب، رحمت اللعالمين ۽ خاتم النبين  آهن. هن چيو ته الله تعالى نبي ڪريم ﷺ کي سمورن انسانن، سموري ڪائنات ۽ سمورن عالمين جي لاءِ رحمت بڻائي موڪليو، جيڪڏهن اسان مشاهدو ڪريون ته غيرمسلمان به نبي ڪريم ﷺ جي ذات اقدس جي حوالي سان لکڻيون لکيون آهن ۽ شعر چيا آهن. هن چيو ته مارٽن لگنز جي ڪتاب ان جو هڪ بهترين مثال آهي جڏهن ته ننڍي کنڊ جي هڪ سک شاعر به نبي ڪريم ﷺ جي ذات اقدس بابت اهڙا شعر چيا جيڪي سدائين جي لاءِ تاريخ جو حصو بڻجي ويا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي ذات اقدس جو جتي مسلمانن جي دلين ۾ اعلى ترين مقام آهي، اتي غيرمسلم به پاڻ ﷺ جي شخصيت ۽ تعليم کان ايتري قدر متاثر ٿيا جو انهن پاڻ ﷺ جي شان ۾ شعر چيا ۽ لکڻيون لکيون. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اڄ اسان کي نبي ڪريم ﷺ جي سيرت طيبه تي عمل پيرا ٿيڻ جي جيتري ضرور آهي، شايد ان کان اڳ ڪڏهن به نه هئي. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي والد گرامي پاڻ ﷺ جي ولادت باسعادت کان اڳ ئي لاڏاڻو ڪري ويا هئا جڏهن ته پاڻ ﷺ جي والده ماجده جي وصال جي وقت پاڻ ﷺ جي عمر مبارڪ رڳو 6 سال هئي، پر نبي ڪريم ﷺ نوجوانن کي والدين جي فرمانبرداري ۽ احترام جو اهم پيغام ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نبي ڪريم ﷺ هڪ ڀيرو حضرت علي رضه ۽ حضرت عمر فاروق رضه کي فرمايو ته مون کانپوءِ هڪ شخص ايندو جنهن جو نالو اويس قرني هوندو، اهو جتي به ملي ان کان دعا ڪرائجو. هن چيو ته جڏهن حضرت علي رضه ۽ حضرت عمر فاروق رضه حج جي موقعي تي حضرت اويس قرني رحه کي ڳوليو ۽ هو هڪ جڳهه تي انهن کي ملي ويو ته ٻنهي جليل القدر صحابه رضه کيس دعا جي درخواست ڪئي. هن چيو ته حضرت اويس قرني رحه ان ڳالهه تي حيران ٿيا ته هي ٻئي جليل القدر صحابه رضه مون کي دعا جي درخواست ڪري رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نبي ڪريم ﷺ حضرت اويس قرني جي والده جي خدمت ۽ فرمانبرداري کي خصوصي اهميت ڏني. هن چيو ته ان واقعي ۾ نوجوانن جي لاءِ سڀ کان اهم پيغام والدين جي فرمانبرداري جو آهي ۽ اهو ئي ڪاميابي جو رستو آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته جيڪڏهن اسان ڀائيچاري ۽ هم آهنگي جي ڳالهه ڪريون ته نبي ڪريم ﷺ جي حيات طيبه جي مختلف رخن، ڀلي اهي هڪ رهنما، ڪمانڊر، معلم، والد يا مڙس جي حيثيت سان هجن، اسان جي لاءِ بهترين مثال آهن، جيڪڏهن اسان اسوه حسنه کي صحيح طور تي سمجهڻ ۽ پنهنجي زندگين ۾ اختيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون ته اهو ئي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي جو رستو آهي. هن چيو ته ڀائيچاري ۽ هم آهنگي جو هڪ بهترين مثال مديني جي هجرت جي موقعي تي سامهون اچي ٿو، جڏهن مڪه مڪرمه جا مسلمان پنهنجو ۽ سڀ ڪجهه ڇڏي مديني منوره طرف هجرت ڪري ويا جڏهن ته مدينه منوره جي ماڻهن کلي دل سان پنهنجا گهر، مال ۽ ٻيا وسيلا مهاجرين جي لاءِ پيش ڪري ڇڏيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي متاثر ڪندڙ قيادت جي نتيجي ۾ مهاجيرن ۽ انصار جي وچ ۾ جيڪا اخوت، ڀائيچارو ۽ هم آهنگي قائم ٿي، اها دنيا جي لاءِ هڪ بهترين مثال آهي. ان واقعي ۾ نوجوانن جي لاءِ به تمام وڏو سبق آهي. هن چيو ته گڏيل اتحاد ۽ اتفاق جي برڪت سان فتح مڪه ممڪن ٿيو. فتح مڪه جي موقعي تي نبي ڪريم ﷺ هڪ عظيم الشان لشڪر سان گڏ مڪه مڪرمه تشري آندي ۽ عام معافي جو اعلان فرمايو. ان عام معافي ۾ اهي ماڻهو به شامل هئا جن مسلمانن تي وڏا وڏا ظلم ڪيا هئا. نبي ڪريم ﷺ پاران فتح مڪه جي موقعي تي عام معافي جو اعلان درگذر ۽ رحمت جو عظيم مثال آهي. هن چيو ته طائف جي واقعي کانپوءِ جڏهن ڪافرن نبي ڪريم ﷺ تي پٿر اڇلايا ته الله تعالى پاران فرشتا موڪليا ويا ۽ عرض ڪيو ويو ته جيڪڏهن پاڻ ﷺ حڪم فرمائين ته انهن کي جبلن جي وچ ۾ نيست ۽ نابود ڪيو وڃي جڏهن ته نبي ڪريم ﷺ انهن جي لاءِ هدايت جي اميد جو اظهار فرمايو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نبي ڪريم ﷺ جو اهو طرزعمل صبر، تحمل، درگذر ۽ ڀائيچاري جو عظيم درس آهي جيڪو اڄ به نوجوانن جي لاءِ مشعل راهه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قران ڪريم عورتن جي حقن جي حوالي سان واضح حڪم ڏنا آهن جيڪي نبي ڪريم ﷺ جي تعليم جو حصو آهن. هن چيو ته حضرت خديجه رضه واپار جي شعبي سان واڳيل هئي ۽ نبي ڪريم ﷺ پنهنجي حيات طيبه ۾ هڪ رهنما، والد ۽ مڙس جي حيثيت سان اهڙا بهترين مثال قائم ڪيا جن کي اڄ به پنهنجي زندگين ۾ اختيار ڪيو وڃي ته الله تعالى ڪاميابي اسان جي مقدر ۾ لکي ڇڏيندو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته نوجوانن کي ذميواريون ڏيڻ جي حوالي سان به سيرت طيبه ۾ بي شمار مثال موجود آهن. حضرت زيد بن ثابت رضه گهٽ عمر ۾ وحي جي ڪتابت جي ذميواري سرانجام ڏني جڏهن ته نبي ڪريم ﷺ کيس اهم ذميواريون ڏنيون. اهڙي طرح حضرت اسامه بن زيد رضه کي ننڍڙي عمر ۾ اهم ذميواريون ڏنيون ويون ۽ کيس هڪ لشڪر جي ڪمان پڻ ڏني وئي. هن چيو ته سيرت طيبه ۾ اهڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا جتي نوجوانن تي نه رڳو اعتماد جو اظهار ڪيو ويو پر انهن کي اهم ذميواريون پڻ ڏنيون ويون. ان مان اهو پيغام ملي ٿو ته نوجوانن کي ذميواريون ڏيڻ سان معاشري ۾ نئين ۽ تازي خيالن کي هٿي ملي ٿي ۽ نوجوان ذميوارين کي بهتر انداز ۾ نڀائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نبي ڪريم ﷺ نوجوانن کي اهو پيغام ڏنو ته اعتماد ۽ ذميواري جي ذريعي اهي معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ جو صادق ۽ امين هجڻ نوجوانن جي لاءِ سڀ کان اهم سبق آهي ڇو ته الله تعالى پاڻ ﷺ جي ذات اقدس ۾ صداقت ۽ امانت جون عظيم خوبيون بيان فرمايون هيون. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ سوشل ميڊيا تي غلط معلومات (مس انفارميشن) جا چئلينجز درپيش آهن. جيڪڏهن اسان نبي ڪريم ﷺ جي صداقت ۽ امانت جي انهن ٻن صفن کي پنهنجي زندگين ۾ اختيار ڪري وٺون ته ڪيترن ئي مسئلن جو حل ممڪن آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نبي ڪريم ﷺ جي شخصيت ۾ موجود اوصاف حميده تي صحيح معنى ۾ عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. ان سان نه رڳو نوجوان نسل جي بهتر تربيت ممڪن آهي پر انهن کي معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جو بهترين موقعو پڻ فراهم ڪري سگهجي ٿو. عطاءُ الله تارڙ قومي رحمت اللعالمين ۽ خاتم النبين اٿارٽي جي قدر جوڳي ڪردار کي ساراهيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ حڪومت پاران يقين ڏياريو ته ان سلسلي ۾ وڌيڪ قدمن جي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو. هن تجويز ڏني ته هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي جنهن ۾ سوشل ميڊيا جي ذميواراڻي استعمال ۽ نبي ڪريم ﷺ جي ذات اقدس ۽ تعليم کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي وڃي. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت اٿارٽي سان گڏجي ان شعبي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ته جيئن سوشل ميڊيا جي مثبت استعمال کي فروغ ڏئي سگهجي ۽ جنريشن زي ۽ جنريشن الفا کي به نبي ڪريم ﷺ جي ذات اقدس ۽ پاڻ ﷺ جي تعليم کان روشناس ڪرائي سگهجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نبي ڪريم ﷺ کي معراج واقعي جي ذريعي عظيم سعادت عطا ٿي. هن چيو ته معراج جو واقعو نبي ڪريم ﷺ جي عظيم مقام ۽ مرتبي جو هڪ منفرد اعزاز آهي ۽ ان جا مختلف رخ نوجوان نسل تائين موثر انداز ۾ پهچائي سگهجن ٿا. هن چيو ته انهن سمورن رخن کي هڪ آگاهي مهم جي ذريعي جنريشن زي ۽ جنريشن الفا تائين پهچائي سگهجي ٿو ته جيئن انهن کي اهو پيغام ڏئي سگهجي ته نبي ڪريم ﷺ جي ذات اقدس ۽ پاڻ ﷺ جي تعليم ۾ هر طبقي ۽ هر عمر جي ماڻهن جي لاءِ رهنمائي موجود آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهو ئي ڪاميابي جو پيغام آهي ڇو ته الله تعالى نبي ڪريم ﷺ کي خاتم النبين ۽ آخري نبي بڻائي دين کي مڪمل فرمايو. هن چيو ته اها اسان جي خوش قسمتي آهي ته الله تعالى سان کي مسلمان پيدا ڪيو ۽ اسان کي ان قابل بڻايو ته اڄ اسان هتي نبي ڪريم ﷺ جو ذڪر مبارڪ ڪري رهيا آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي ان شعر سان پنهنجي خطاب جي پڄاڻي ڪئي ته: “ڪي محمد ﷺ سي وفا تو هم تيري هين، يه جهان چيز هي ڪيا، لوح و قلم تيري هين.”