اسلام آباد - 03 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ذخيرن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ خميس ڏينهن هتي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ڪڻڪ جي درآمد بابت معاملن جي حل، قيمتن ۾ استحڪام ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام جي لاءِ سمورن صوبن، قومي غذائي تحفظ ۽ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ذخيرن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ذخيرن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ خميس ڏينهن هتي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ڪڻڪ جي درآمد بابت معاملن جي حل، قيمتن ۾ استحڪام ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام جي لاءِ سمورن صوبن، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت ۽ واپار واري وزارت پاران تعاون ۽ گڏيل رابطي کي ساراهيو. هن پاسڪو کي هدايت ڪئي ته اي سي سي ۽ اسٽيئرنگ ڪميٽي جي منظور ڪيل ڪوٽا موجب صوبن کي فوري طور تي ڪڻڪ فراهم ڪئي وڃي. هن صوبن کي به هدايت ڪئي ته ڪڻڪ جي وقت سر ادائيگي ڪن ۽ پنهنجو حصو وقت تي کڻن. اجلاس ۾ هڪ ملين ميٽرڪ ٽن تائين ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي فيصلي جو ورجاءُ ڪيو ويو جنهن جي لاءِ ٽي سي پي کي فوري طور تي عملدرآمد شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. پهرين مرحلي ۾ 250000 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪئي ويندي جنهن جي پهچ نومبر ۾ مقرر ڪئي وئي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته سمورا لاڳاپيل ادارا ويجهي رابطي سان ڪم جاري رکن ته جيئن سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي وڌيڪ دستيابي، قيمتن ۾ استحڪام ۽ صارفين کي ريليف يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير، واپار واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، واپار ۽ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق وارن سيڪريٽرين، صوبائي حڪومتن جي نمائندن ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.











