قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد - 03 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ميڊيا ورڪرز کي پگهارن جي ادائيگي ۾ مسلسل دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سرڪاري ادارن ڏانهن رهتن جي آڙ ۾ ميڊيا سان واڳيل ملازمن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ نه گهرجي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس خميس ڏينهن هتي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن هيڊڪوارٽرز ۾ ڪميٽي جي چيئرمين قومي اسيمبلي …

اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ميڊيا ورڪرز کي پگهارن جي ادائيگي ۾ مسلسل دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سرڪاري ادارن ڏانهن رهتن جي آڙ ۾ ميڊيا سان واڳيل ملازمن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ نه گهرجي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس خميس ڏينهن هتي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن هيڊڪوارٽرز ۾ ڪميٽي جي چيئرمين قومي اسيمبلي ميمبر پلين بلوچ جي صدارت ۾ ٿيو. ڪميٽي قرار ڏنو ته پگهارن جي وقت سر ادائيگي ميڊيا ادارن جي بنيادي ذميواري آهي ۽ سمورن لاڳاپيل عملدارن کي ميڊيا ورڪرز جي جائز مالي حقن جي تحفظ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ گهرجن. ڪميٽي پنهنجي اڳوڻي موقف جو ورجاءُ ڪندي متفقه طور تي چيو ته ميڊيا ملازمن جي واجب الادا پگهارون وڌيڪ دير کانسواءِ ادا ڪيون وڃن. ڪميٽي التوا هيٺ پگهارن ۽ ميڊيا ادارن جي ٻين مالي رهتن جا جامع تفصيل طلب ڪري ورتا. ڪميٽي پريس انفارميشن دپارٽمينٽ کي هدايت ڪئي ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ادارن کي ڪئي ويندڙ ادائيگين جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن جن ۾ ادا ٿيل رقم، بقايا ادائيگين ۽ التوا هيٺ ڪليمز جي صورتحال شامل هجي. ڪميٽي ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) جي شارٽ ويو ٽرانسميٽرز جي منصوبي جي ڊگهي عرصي کان تڪميل نه ٿيڻ تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. اهو منصوبو مالي سال 07 – 2006ع جي لاءِ پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت منظور ڪيو ويو هو. ڪميٽي منصوبي جي تڪميل ۾ دير جو سخت نوٽيس وٺندي ان جي موجوده صورتحال، هيستائين ٿيندڙ خرچن، وڌيڪ گهربل مالي وسيلن، دير جي سببن ۽ تڪميل جي متوقع مدي تي ٻڌل تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ڪميٽي زور ڏنو ته عوامي فنڊز سان مڪمل ڪيا ويندڙ ترقياتي منصوبا مقرر مدي جي اندر مڪمل ٿيڻ گهرجن ۽ غيرضروري دير جي مناسب وضاحت ۽ ازالو ضروري آهي. ڪميٽي فنانس ۽ منصوبابندي ڊويزن جي عملدارن کي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن منصوبي جي لاءِ فنڊز جاري نه ٿيڻ جي وضاحت ڪري سگهجي. ڪميٽي ٽي وي چينلز تي نشر ٿيندڙ مارننگ شوز جي مواد ۽ پروگرامنگ تي خاص طور تي شائستگي،  ذميواري ۽ عوامي مفاد جي مناسب معيار کي برقرار رکڻ جي ڏس ۾ غور ڪيو. ڪميٽي پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) کي مارننگ شوز جي لاءِ جامع ۽ واضح ضابطه اخلاق جوڙڻ جي هدايت ڪئي. تجويز ڪيل ضابطه اخلاق ۾ مواد جي نوعيت، زبان، حساس معاملن کي منهن ڏيڻ، مهمانن جي شرڪت ۽ مجموعي ادارتي معيار بابت مناسب رهنما اصول شامل ڪيا وڃن جڏهن ته ٽي وي پروگرامنگ کي لاڳاپيل قانونن ۽ ضابطاجاتي گهرجن سان هم آهنگ رکڻ کي يقيني بڻايو وڃي. ڪميٽي پيمرا کي ٽي وي چينلز جي التوا هيٺ رهتن جا جامع تفصيل پڻ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي جن ۾ بقايائن جي نوعيت ۽ رقم، رهتن جي التوا هيٺ رهڻ جي مدي ۽ ان جي وصولي جي لاءِ ريگيوليٽر پاران کنيل قدم شامل هجن. ڪميٽي موثر ضابطاجاتي نگراني ۽ التوا هيٺ مالي ذميوارين جي وقت سر حل جي ضرورت تي زور ڏنو. ڪميٽي چيو ته ميڊيا جو شعبو عوام کي معلومات جي فراهمي ۽ جمهوري ادارن جي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ڪميٽي صحتمند ۽ ذميوار ميڊيا جي فروغ ۽ براڊ ڪاسٽرز پاران پيشيواراڻي ۽ اخلاقي معيار جي پاسداري يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڪميٽي لاڳاپيل ادارن ۽ ريگيوليٽري ادارن کي گهربل معلومات مقرر مدي جي اندر فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ فيصلو ڪيو ته انهن معاملن تي ايندڙ  اجلاس ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو. ڪميٽي پي بي سي کي ريڊيو پاڪستان تي سمورين علائقائي زبانن ۾ پروگرامز ۽ نئين بليٽن شروع ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن آسيه ناز تنولي، شاهين، مهتاب اڪبر راشدي، سيد امين الحق، رعنا انصر، مولانا عبدالغفور حيدري، اطلاعات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري، اطلاعات واري وزارت جي سيڪريٽري، پيمرا چيئرمين ۽ پي بي سي ۽ پيمرا جي ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.