مڪه معاهدو دفاعي حصيداري کي ترقياتي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو بنياد بڻائي سگهي ٿو: احسن اقبال

لاهور- 03 سيپٽمبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته مڪه دفاعي معاهدو رڳو فوجي تعاون تائين محدود ناهي پر ان کي سيڪيورٽي، ٽيڪنالاجي، تحقيق، سيڙپڪاري، علائقائي رابطن ۽ معاشي تعاون جي وسيع ڍانچي جو بنياد بڻجڻ گهرجي، پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ حصيداري جي اصل اهميت ٽنهي ملڪن جي گڏيل صلاحيتن کي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪتب آڻڻ ۾ آهي. …

لاهور- 03 سيپٽمبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته مڪه دفاعي معاهدو رڳو فوجي تعاون تائين محدود ناهي پر ان کي سيڪيورٽي، ٽيڪنالاجي، تحقيق، سيڙپڪاري، علائقائي رابطن ۽ معاشي تعاون جي وسيع ڍانچي جو بنياد بڻجڻ گهرجي، پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ حصيداري جي اصل اهميت ٽنهي ملڪن جي گڏيل صلاحيتن کي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪتب آڻڻ ۾ آهي. اهڙو اظهار هن خميس ڏينهن يونيورسٽي آف لاهور ۾ هڪ تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته مڪه معاهدي تي ڳالهائيندي اهو سمجهڻ ضروري آهي ته اهو رڳو دفاع جو شعبو ناهي پر يونيورسٽين، ليبارٽرين، ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ جدت جي شعبن ۾ تعاون جو به هڪ وسيع موقعو آهي. هن چيو ته مڪه مڪرمه ۾ پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ تاريخي معاهدو ٿيو، جنهن تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ صدر رجب طيب اردوان صحيحون ڪيون. هن چيو ته معاهدي جو بنيادي اصول واضح آهي ته هڪ ملڪ تي حملو ٽنهي ملڪن تي حملو تصور ٿيندو، هن چيو ته بدلجندڙ عالمي صورتحال ۾ مڪه معاهدي جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي، جڏهن ته ان کي عالمي نظام لاءِ چئلينج طور نه پر وڌيڪ مستحڪم علائقائي ۽ عالمي نظام طرف هڪ قدم طور ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته دنيا هڪ نئين ۽ تيزي سان بدلجندڙ عالمي نظام طرف وڌي رهي آهي، چين هڪ وڏي معاشي ۽ فني طاقت طور اڀري چڪو آهي، روس بدستور عالمي سطح تي نمايان اسٽريٽجڪ اثر رسوخ رکي ٿو، آمريڪا اڄ به دنيا جي غالب طاقتن ۾ شامل آهي جڏهن ته يورپ پنهنجي دفاعي ۽ سيڪيورٽي نظام تي نظرثاني ڪري رهيو آهي، نار وارا ملڪ معاشي ۽ سفارتي سطح تي وڌيڪ خودمختاري حاصل ڪري رهيا آهن ۽ ترڪيه هڪ مضبوط ۽ خودمختيار علائقائي طاقت طور اڀري رهيو آهي. احسن اقبال چيو ته ايشيا، آفريقا، لاطيني آمريڪا ۽ وچ اوڀر ۾ عالمي طاقت رکندڙ ملڪ به پنهنجو موقف وڌيڪ مضبوطي سان پيش ڪري رهيا آهن. اهي ملڪ هاڻي وڏين طاقتن جي مقابلي جو ميدان بڻجڻ لاءِ تيار ناهن پر پنهنجي تقدير جو فيصلو پاڻ ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ حصيداري جي پويان گهري حڪمت عملي موجود آهي. پاڪستان جو مقصد اسٽريٽجڪ اڪيلائي ناهي پر اسٽريٽجڪ خودمختياري هجڻ گهرجي، پاڪستان مسلمان دنيا ۾پنهنجي ڀائرن ۽ حصيدارن سان لاڳاپن لاءِ به پرعزم آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي اسٽريٽجڪ سوچ سڀني سان دوستي، ڪنهن تي نه ڀاڙڻ جي اصول تي ٻڌل آهي. اسان سڀني سان امن چاهيون ٿا پر ڪنهن آڏو ڪمزور نٿا ٿيڻ چاهيون. پاڪستان جي ايندڙ وڏي قومي جدوجهد جنگي جهازن جي ذريعي نه پر روانگي واپار، تعليم ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي ٿيندي، پيداوار، ٽيڪنالاجي، جدت ۽ اداره جاتي سڌارا، اسان جي ايندڙ قومي جنگ جو ميدان آهن ۽ اهي ان معرڪه ترقي يعني ترقي جي جنگ قرار ڏين ٿا. هن چيو ته اڏام پاڪستان تحت 2035ع تائين هڪ ٽريلين ڊالرن جي معيشت بڻائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته 2047ع تائين ٽي ٽريلين ڊالرن جي معيشت بڻجڻ جو هدف آهي. اهي هدف رڳو معاشي انگ اکر ناهن پر پاڪستان ۾ گهربل وڏي تبديلي جي پئماني جي عڪاسي ڪن ٿا. وفاقي وزير چيو ته اسان جي ذميواري رڳو نوجوانن کي ڊگريون ڏيڻ ناهي پر کين مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت ڏيڻ آهي، اسان جي يونيورسٽين کي قومي تبديلي جو تجربي گاهه بڻجڻو پوندو، محققن کي ڏکيا سوال اٿارڻا پوندا ۽ معيشت جي ماهرن کي روايتي سوچ کي چئلينج ڪرڻو پوندو. هن چيو ته غلط معلومات ۽ ساسي ويڇي جي دور ۾ سماجي هم آهنگي به قومي سلامتي جو حصو بڻجي چڪي آهي، ميڊيا کي تعميري ڳالهين کي هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. احسن اقبال چيو ته ايڪهين صدي جو مستقبل ويهين صدي جي فوجي بلاڪس جي نئين سر جوڙجڪ نه هجڻ گهرجي پر هن صدي ۾ ذميوار خودمختياري جا نوان علائقائي ۽ عالمي نيٽ ورڪ جوڙڻا پوندا. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته پاڪستان پنهنجي نوجوان افرادي قوت، علم، ٽيڪنالاجي، پيداوار ۽ علائقائي حصيداري کي استعمال ۾ آڻي ترقي ۽ خوشحالي جون نيون منزلون حاصل ڪري سگهي ٿو.