صحت واري وفاقي وزير سان مالديپ جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سان مالديپ جي هاءِ ڪمشنر ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ تعاون جي نون موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ پراڻا ۽ دوستاڻا سفارتي لاڳاپا قائم آهن جن کي وڌيڪ مضبوط …

اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سان مالديپ جي هاءِ ڪمشنر ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ تعاون جي نون موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ پراڻا ۽ دوستاڻا سفارتي لاڳاپا قائم آهن جن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ صحت جي شعبي ۾ تعاون کي به سگهه ڏيڻ گهرجي. ملاقات ۾ صحت واري وزارت ۽ مالديپ جي هاءِ ڪميشن وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ جامع مفاهمتي يادداشت کي حتمي شڪل ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڄاڻايل مفاهمتي يادداشت تحت صحت جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو ويندو جڏهن ته ريگوليٽري نظام، طبي خدمتون، ميڊيڪل ٽوئرازم ۽ صحت جا ٻيا اهم شعبا ان تعاون جو حصو هوندا. مالديپ جي هاءِ ڪمشنر ٻڌايو ته مالديپ جي صدر جو آڪٽوبر 2026ع ۾ پاڪستان جو دورو متوقع آهي. ملاقات ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ تاريخي ۽ پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي صحت جي شعبي ۾ عملي تعاون ذريعي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو.