سيپٽمبر 1965 جي جنگ جي ٽئين ڏينهن، ليفٽيننٽ ڪرنل نصير الله بابر پنهنجي حاضر دماغي جو مظاهرو ڪندي هڪ پستول سان 30 ڀارتي سپاهين کي جنگي قيدي بڻايو

اسلام آباد- 30سيپٽمبر (اي پي پي) سيپٽمبر 1965 جي جنگ جي ٽئين ڏينهن ليفٽيننٽ ڪرنل نصير الله بابر  حاضر دماغي جو مظاهرو ڪندي  هڪ پستول سان 30 ڀارتي سپاهين کي دوکو ڏئي کين جنگي قيدي بڻايو. تفصيل موجب جنگ جاري هئي ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج  عوام سان گڏ ڀارتي جارحيت جو سخت جواب ڏئي رهي هئي. ڀارتي  وزيراعظم لال بهادر شاستري پنهنجي قوم کي پاڪستان جي هوائي فوج جي …

اسلام آباد- 30سيپٽمبر (اي پي پي) سيپٽمبر 1965 جي جنگ جي ٽئين ڏينهن ليفٽيننٽ ڪرنل نصير الله بابر  حاضر دماغي جو مظاهرو ڪندي  هڪ پستول سان 30 ڀارتي سپاهين کي دوکو ڏئي کين جنگي قيدي بڻايو. تفصيل موجب جنگ جاري هئي ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج  عوام سان گڏ ڀارتي جارحيت جو سخت جواب ڏئي رهي هئي. ڀارتي  وزيراعظم لال بهادر شاستري پنهنجي قوم کي پاڪستان جي هوائي فوج جي حملي جي خوف کي ختم ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو رهيو. پاڪستان فوج ڇمب سيڪٽر ۾ 500 ڀارتي سپاهين کي جنگي قيدي بڻايو ۽ دشمن جي 15 ٽينڪن ۽ ٻين هٿيارن تي قبضو ڪيو.جڏهن ته پاڪستاني فوج جي ڪمانڊر ان چيف، جنرل محمد موسيٰ ڀارتي زخمي سپاهي جي هڪ فيلڊ اسپتال ۾ عيادت ڪئي. ليفٽيننٽ ڪرنل نصير الله بابر  ڪشمير جي ڀمبر سيڪٽر ۾ هڪ ڀارتي  پوزيشن تي پنهنجو هيلي ڪاپٽر لينڊ ڪيو. ليفٽيننٽ ڪرنل نصير الله بابر پنهنجي حاضر دماغي جو مظاهرو ڪندي، رڳو هڪ پستول سان 30 ڀارتي سپاهين کي دوکو ڏئي جنگي قيدي بڻايو. پاڪستان جي هوائي فوج 3 هندستاني جهاز ڪيرايا. هڪ جهاز کي پسرور ايئر فيلڊ تي  فلائيٽ ليفٽيننٽ حڪيم الله خان هوائي ميدان تي ڪيرايو.  ٻيو جهاز،  (اي 1083 جي نيٽ) کي فلائٽ آفيسر عباس مرزا  پسرور جي ايئر فيلڊ تي تي لينڊ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ٽيون جهاز،  (اي 1083 جي نيٽ) ڀارتي جو اسڪواڊرن ليڊر برج پال سنگهه اڏائي رهيو هو، جنهن کي جنگي قيدي بڻايو ويو . ان بي مثال جنگ ۾ پاڪستاني فوج ڀارتي  جنگي جهازن کي سخت نقصان برداشت ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو.