پيٽروليم مصنوعات جي وڪري ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي ٻن مهينن دوران 9.92 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ

اسلام آباد- 03 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم مصنوعات جي وڪري ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي ٻن مهينن دوران 9.92 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيز (او ايم سيز) جي انگن اکرن مطابق هلندڙ مالي سال ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ 2026ع ۾ پيٽروليم مصنوعات جو وڪرو 2.77 ملين ٽن تائين وڌي ويو جڏهن ته گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي دوران وڪري جو ڳاڻيٽو 2.52 ملين ٽن …

اسلام آباد- 03 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم مصنوعات جي وڪري ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي ٻن مهينن دوران 9.92 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيز (او ايم سيز) جي انگن اکرن مطابق هلندڙ مالي سال ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ 2026ع ۾ پيٽروليم مصنوعات جو وڪرو 2.77 ملين ٽن تائين وڌي ويو جڏهن ته گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي دوران وڪري جو ڳاڻيٽو 2.52 ملين ٽن رهيو هو. اهڙي طرح گذريل مالي سال 26-2025ع جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال 27-2026ع جي شروعاتي ٻن مهينن دوران پيٽروليم مصنوعات جي قومي وڪري ۾ 0.25 ملين ٽن يعني 10 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. او ايم سيز جي رپورٽ مطابق هلندڙ مالي سال جي شروعاتي ٻن مهينن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جو وڪرو ترتيبوار 1.39 ملين ٽن ۽ 1.05 ملين ٽن رهيو آهي جڏهن ته فرنيس آئل جو وڪرو 0.18 ملين ٽن رڪارڊ ڪيو ويو آهي.