اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف ترقياتي منصوبن ۽ عوامي اهميت جي معاملن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڪڇي ڪينال فيز ٽو منصوبي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس (پائيڊ) لاءِ ايراضي، علامه اقبال ميموريل ۽ اقبال لائبري منصوبي جا معاملا به …
رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس، ڪڇي ڪينال فيز ٽو، پائيڊ ، علامه اقبال ميموريل ۽ ٻين ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف ترقياتي منصوبن ۽ عوامي اهميت جي معاملن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڪڇي ڪينال فيز ٽو منصوبي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس (پائيڊ) لاءِ ايراضي، علامه اقبال ميموريل ۽ اقبال لائبري منصوبي جا معاملا به بحث هيٺ آيا. اجلاس ۾ لورالائي ۽ زوب کي ملائيندر 35 ڪلوميٽر روڊ جي تڪميل ۾ دير جو به جائزو ورتو ويو ۽ وزيراعظم جي هدايتن موجب منصوبي جي وقت سر تڪميل لاءِ قدمن تي غور ڪيو ويو. ڪڇي ڪينال منصوبي جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته منصوبي جي تعميراتي معيار تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ٿيڻ گهرجي، هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته منصوبي جي هر مرحلي تي اعليٰ معيار جي تعمير ۽ مقرر ضابطن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. پائيڊ لاءِ ايراضي جي معاملي جو جائزو وٺندي وفاقي وزير سي ڊي اي طرفان دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير واضح ڪيو ته پائيڊ کي فوري بنيادن تي ايراضي گهربل آهي ۽ جيڪڏهن سي ڊي اي وٽ موزون زمين دستياب ناهي ته اداري جا 4 ارب روپيا واپس ڪيا وڃن. هن سي ڊي کي فوري ۽ واضح جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي. علامه اقبال ميموريل ۽ اقبال لائبريري منصوبي جو جائزو وٺندي وفاقي وزير چيو ته لائبريري کي عالمي معيار موجب تعمير ڪيو وڃي ته جيئن هي ملڪ جي ٻين شهرن لاءِ هڪ مثالي منصوبو بڻجي سگهي. هن چيو ته ايندڙ سال کي علامه اقبال جي سال طور ملهايو ويندو، ان لاءِ منصوبي تي وڌيڪ دير کانسواءِ ڪم شروع ڪيو وڃي. وفاقي وزير سي ڊي کي اقبال لائبريري بابت سمري ٽن ڏينهن اندر اڳتي وڌائڻ جي به هدايت ڪئي. وفاقي وزير سمورن لاڳاپيل ادارن کي اجلاس ۾ بحث هيٺ منصوبن ۽ معاملن تي اڳڀرائي تيز ڪرڻ ۽ وزيراعظم جي هدايتن تي مقرر مدي اندر عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.











