پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير پاران اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 03 سيپٽمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير  ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف بهادري واري ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته 36 ڪلاڪن جي ڊگهي آپريشن دوران 15 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ اسان جي سيڪيورٽي فورسز جي بي مثال بهادري، پيشيوراڻي مهارت ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي …

اسلام آباد- 03 سيپٽمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير  ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف بهادري واري ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته 36 ڪلاڪن جي ڊگهي آپريشن دوران 15 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ اسان جي سيڪيورٽي فورسز جي بي مثال بهادري، پيشيوراڻي مهارت ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي اڻٽر عزم جو واضع ثبوت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي بهادر فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا جوان وطن جي امن لاءِ پنهنجي حياتين جي قرباني ڏئي رهيا آهن، قوم پنهنجي بهادر سپوتن سان گڏ آهي.