اسلام آباد- 03 سيپٽمبر(اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاڪ افغان سرحد ويجهو اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان موجب هن پاڪ فوج جي بهادري ۽ جرئت جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاڪ فوج جي جوانن وقت تي بهادري سان ڪارروائي ڪري سرحد پار کان داخل ٿيندڙ …
وفاقي گهر و وزير پاران پاڪ افغان سرحد تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي مداخلت ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 03 سيپٽمبر(اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاڪ افغان سرحد ويجهو اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان موجب هن پاڪ فوج جي بهادري ۽ جرئت جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاڪ فوج جي جوانن وقت تي بهادري سان ڪارروائي ڪري سرحد پار کان داخل ٿيندڙ 15 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ۽ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. محسن نقوي وطن جي دفاع لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن کي سلام پيش ڪندي چيو ته قوم کي پنهنجي بهادر جوانن جي پيشوراڻين صلاحيتن، عسڪري حڪمت عملي ۽ بي مثال جرئت تي فخر آهي ۽ قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ آهي.











