اسلام آباد- 03 سيپٽمبر(اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي اتر وزيرستان ۾ پاڪ-افغان سرحد تي خارجي عنصرن جي مداخلت جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته وقتائتي ڪارروائي دوران پرڏيهي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي 15 دهشتگردن کي انجام تائين پهچائڻ اسان جي بهادر فوج جي …
فتنه الخوارج جي 15 دهشتگردن کي انجام تائين پهچائڻ سيڪيورٽي فورسز جي اعلي پيشيوراڻي مهارت جو ثبوت آهي: ريلوي وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد- 03 سيپٽمبر(اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي اتر وزيرستان ۾ پاڪ-افغان سرحد تي خارجي عنصرن جي مداخلت جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته وقتائتي ڪارروائي دوران پرڏيهي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي 15 دهشتگردن کي انجام تائين پهچائڻ اسان جي بهادر فوج جي غير معمولي پيشيوراڻي صلاحيت ۽ فرض شناسي جو ثبوت آهي. قوم کي وطن جي دفاع لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي بي مثال جرئت ۽ وقتائتي جوابي ڪارروائي تي فخر آهي. هن ان عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم متحد ۽ دشمن جي هر حملي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ آهي.











