انتظامي يونٽن جي آڙ ۾ سنڌ صوبي ۾ ڇهه وڏا وزير ڪنهن به صورت ۾ قبُول نه ڪيا ويندا: سعيد غني

ڪراچي -03 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم هن وقت ٻڏتر جو شڪار آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي هن شهر ۾ نئين ايم ڪيو ايم بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ التوا واري رٿ کانپوءِ جيڪا قرارداد ايندي ۽ ان جي حق ۽ مخالفت ۾ جيڪي ووٽ ڏيندا، اهي عوام جي سامهون واضح ٿي ويندا ۽ …

ڪراچي -03 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم هن وقت ٻڏتر جو شڪار آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي هن شهر ۾ نئين ايم ڪيو ايم بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ التوا واري رٿ کانپوءِ جيڪا قرارداد ايندي ۽ ان جي حق ۽ مخالفت ۾ جيڪي ووٽ ڏيندا، اهي عوام جي سامهون واضح ٿي ويندا ۽ ڪيترن ئي سياسي جماعتن جون سنڌ ۾ سياسي حقيقتون به پڌريون ٿي وينديون. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته انتظامي يونٽن جي آڙ ۾ جيڪڏهن ڪو چاهي ٿو ته سنڌ صوبي ۾ ڇهه وزيراعليٰ هجن، ته ٻڌي ڇڏين ته سنڌ ۾ هڪ ئي وزيراعليٰ، هڪ ئي گورنر، هڪ ئي اسيمبلي ۽ هڪ ئي ڪابينا هوندي، ان کانسواءِ ٻي ڪا ڳالهه نٿي ٿي سگهي. سعيد غني چيو ته هو ڪافي عرصي کان چئي رهيو آهي ته اها انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي ته جماعت اسلامي هن شهر ۾ نئين ايم ڪيو ايم بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته معاملو رڳو ساڙ ۽ گهيراءَ تائين محدود ناهي، پر جماعت اسلامي جي سوچ ۽ سياست جو انداز به اهڙو ٿي ويو آهي، جنهن ذريعي ڪراچي ۾ نفرت جي سياست کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم به ماضي ۾ اهڙي ئي سياست ڪئي هئي ۽ اڄ ايم ڪيو ايم جنهن صورتحال ۽ جنهن هنڌ تي پهتي آهي، ان جو بنيادي سبب پڻ اها ئي سياست هئي. سعيد غني چيو ته جماعت اسلامي ان مان سبق سکڻ بدران شايد تمام جلدي ماڻهن کي ڀڙڪائي پنهنجي سياست کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿي. هن چيو ته جماعت اسلامي جنهن طريقي سان اڄ هڙتال جي سڏ ڏنو ۽ ساڙ ۽ گهيراءَ ڪيو، اهو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي ۽ هڪ غير سياسي عمل آهي. جيڪڏهن جماعت اسلامي سمجهي ٿي ته سندس سڏ تي عوام لبيڪ چوندو ته پوءِ عوام جي فيصلي جو انتظار ڪرڻ گهرجي. ان جي ابتڙ ساڙ ۽ گهيراءَ ذريعي ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس پکيڙڻ سياسي دهشتگردي جي برابر آهي.سعيد غني چيو ته گذريل ٽن ڏينهن کان سنڌ اسيمبلي ۾ جيڪي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، اهي ٻڌڻ کانپوءِ ڪنهن جي ذهن ۾ اها غلط فهمي نه رهڻ گهرجي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ايوان ۾ ويٺل ان جا ميمبر سنڌ صوبي ۾ ڪنهن به قسم جي ورهاست چاهين ٿا. هن چيو ته پيپلز پارٽي کي سنڌ اسيمبلي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل آهي ۽ آئين موجب ڪنهن به صوبي ۾ نئون صوبو ٺاهڻ يا صوبي جي حدن ۾ تبديلي لاءِ آئيني طريقيڪار تحت ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ضروري آهي. سعيد غني چيو ته سنڌ اسيمبلي ان کان اڳ به ڇهه، ست ڀيرا قراردادون منظور ڪري چڪي آهي، جن ۾ ڪنهن به نئين صوبي جي قيام جي مخالفت ڪئي وئي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هن ڀيري به سنڌ اسيمبلي وڏي ۽ ڀرپور اڪثريت سان اهڙي قرارداد پيش ۽ منظور ڪندي، جنهن ۾ واضح ڪيو ويندو ته سنڌ صوبي ۾ ڪنهن نئين صوبي جي ضرورت ناهي. هن چيو ته ان قرارداد جي نتيجي ۾ جيڪي ان جي حق ۾ ۽ جيڪي مخالفت ۾ ووٽ ڏيندا، اهي عوام جي سامهون واضح ٿي ويندا. ڪيترن ئي ماڻهن جا چهرا به بي نقاب ٿيندا ۽ ڪيترين ئي سياسي جماعتن جي سنڌ ۾ سياست جو به خاتمو ٿي سگهي ٿو. صوبن جي قيام بابت پنجاب اسيمبلي جي قرارداد تي سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته هر صوبي جي اسيمبلي کي حق آهي ته نون صوبن بابت قرارداد منظور يا رد ڪري. جيڪڏهن پنجاب اسيمبلي ۾ ٻن نون صوبن جي قيام بابت ڪا قرارداد منظور ڪئي وئي آهي ته اها پنجاب جي چونڊيل نمائندن جي اسيمبلي آهي ۽ ان کي پنهنجي صوبي بابت اهڙو فيصلو ڪرڻ جو اختيار آهي. هن چيو ته پنجاب جا ماڻهو نوان صوبا چاهين ٿا يا نٿا چاهين، اهو سندن معاملو آهي، سندس ان سان ڪو واسطو ناهي. مان سنڌ صوبي جو شهري ۽ سنڌ جي عوام جو چونڊيل نمائندو آهيان ۽ اهڙي اسيمبلي ۾ ويٺو آهيان جيڪا سنڌ جي عوام جي نمائندگي ڪري ٿي.سعيد غني چيو ته پيپلز پارٽي سان گڏ سنڌ جي ٻين ننڍين وڏين سياسي جماعتن، جن ۾ ايم ڪيو ايم به شامل آهي، ماضي ۾ ڪيترائي ڀيرا سنڌ جي ورهاست جي مخالفت ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سنڌ ۾ علحدگي پسند ۽ قومپرست جماعتن جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ پاڪستان پيپلز پارٽي آهي. کيس سنڌ جي عوام تي فخر آهي ته جڏهن به سنڌ ۾ چونڊون ٿيون آهن، سنڌ جي عوام وڏي اڪثريت سان قومپرست قوتن کي رد ڪيو ۽ پيپلز پارٽي کي ڀرپور مينڊيٽ ڏنو. سعيد غني چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام جي حقن جو تحفظ ڪندي رهي آهي ۽ اڳتي به ڪندي رهندي. انتظامي يونٽن بابت ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم جا جيڪي اڳواڻ پاڻ ۾ اختلاف ڪندا رهن ٿا. اهي ٻاهر واضح طور تي چون ٿا ته نوان صوبا ٺهڻ گهرجن ۽ آئين ۾ موجود طريقيڪار تبديل ٿيڻ گهرجي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته کين يقين آهي ته موجوده آئيني طريقيڪار تحت صوبا نٿا ٺاهي سگهجن، تنهنڪري هو نئون خيال آڻڻ چاهين ٿا. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل ايم ڪيو ايم جا ميمبر واضح طور تي چئي رهيا آهن ته هو ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ورهاست نٿا چاهين. جيڪڏهن هو واقعي ائين چئي رهيا آهن ته پوءِ پنهنجي موقف تي واضح طور بيهن. سعيد غني چيو ته انتظامي يونٽن بابت مختلف قانونن ۾ اڳ ئي گنجائش موجود آهي. ڊويزن، ضلعو، تعلقو ۽ سب ڊويزن انتظامي يونٽ آهن، جڏهن ته بلدياتي قانون تحت پڻ مختلف ادارا موجود آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جو مطالبو آهي ته ڊويزن وڌايا وڃن، ضلعا وڌايا وڃن يا تعلقا وڌايا وڃن ته ان تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي. پر جيڪڏهن انتظامي يونٽن جي آڙ ۾ ڪو چاهي ٿو ته سنڌ ۾ ڇهه وزيراعليٰ ٿي وڃن ته ٻڌي ڇڏين ته سنڌ ۾ هڪ ئي وزيراعليٰ، هڪ ئي گورنر، هڪ ئي سنڌ اسيمبلي ۽ هڪ ئي ڪابينا هوندي. سعيد غني وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن انتظامي يونٽن جي ڳالهه جي آڙ ۾ ڪنهن جي ذهن ۾ اهو خيال آهي ته ڪو ٻيو نظام آڻڻو آهي ته پيپلز پارٽي واضح ڪري ٿي ته اهڙي ڪا ڳالهه نه اڳ قبول هئي ۽ نه ئي مستقبل ۾ قبول ڪئي ويندي.