پنجاب جي اڪثر دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول مطابق آهي: پي ڊي ايم اي

لاهور - 03 سيپٽمبر (اي پي پي) پنجاب جي اڪثر دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول مطابق آهي. پي ڊي ايم اي مطابق چناب دريا ، جهلم راوي ۽ ستلج ۾ به پاڻي جو وهڪرو معمول موجب آهي. ڊيرا غازي خان روسڪيون ۾ به پاڻي جو وهڪرو نارمل آهي. سنڌو دريا ۾ ڪالاباغ ۽ چشمه جي هنڌ تي هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي جڏهن ته ڪالا باغ ۾ پاڻي جو …

لاهور – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) پنجاب جي اڪثر دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول مطابق آهي. پي ڊي ايم اي مطابق چناب دريا ، جهلم راوي ۽ ستلج ۾ به پاڻي جو وهڪرو معمول موجب آهي. ڊيرا غازي خان روسڪيون ۾ به پاڻي جو وهڪرو نارمل آهي. سنڌو دريا ۾ ڪالاباغ ۽ چشمه جي هنڌ تي هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي جڏهن ته ڪالا باغ ۾ پاڻي جو وهڪرو 3 لک 51 هزار ڪيوسڪ ۽ چشمه ۾ پاڻي جو وهڪرو 2 لک 83 هزار ڪيوسڪ آهي. راوي دريا ۾ نله ڊيگ واري جاءِ تي ٻوڏ واري صورتحال آهي جتي پاڻي جو اخراج 22 هزار 500 ڪيوسڪ آهي. تربيلا ڊيم 100 سيڪڙو ۽ منگلا ڊيم 78 سيڪڙو ڀرجي چڪو آهي.پي ڊي ايم پاران عوام کي هدايت ڪئي وئي آهي ته خراب موسم ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن جڏهن ته دريائن ، نهرن ۽ ندي نالن جي پاسي سيرو تفريح کان پاسو  ڪيو وڃي.