لاڙڪاڻو پوليس انساني اسمگلنگ ڪندڙ ٽولي کي گرفتار ڪري سندن وٽان هڪ عورت کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

لاڙڪاڻو-03 سيپٽمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس حساس ادارن جي عملدارن توڙي اهلڪارن سان گڏجي انساني اسمگلنگ ڪندڙ ٽولي کي گرفتار ڪري سندن وٽان هڪ عورت کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان ڏس ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لاڙڪاڻو پوليس حساس ادارن جي عملدارن توڙي اهلڪارن سان گڏجي شهر جي سچل ٿاڻي جي حد بختاور پارڪ واري علائقي ۾ …

لاڙڪاڻو-03 سيپٽمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس حساس ادارن جي عملدارن توڙي اهلڪارن سان گڏجي انساني اسمگلنگ ڪندڙ ٽولي کي گرفتار ڪري سندن وٽان هڪ عورت کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان ڏس ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لاڙڪاڻو پوليس حساس ادارن جي عملدارن توڙي اهلڪارن سان گڏجي شهر جي سچل ٿاڻي جي حد بختاور پارڪ واري علائقي ۾ ڪاروائي ڪندي انساني اسمگلنگ تحت عورتن جي خريد ۽ وڪرو ڪندڙ ٽولي کي گرفتار ڪري سندن وٽان هڪ عورت نيلم عرف نيلي عرف مسڪان کي هٿ ڪندي جوابدارن مٿان ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدارن ۾ غلام سرور بروهي، مبارڪ پنهور ۽ زاهده عرف شمع شامل آهن.