لاڙڪاڻو-03 سيپٽمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي لڳ ڳوٺ پکو ۾ خانگي اسڪول جي نائب قاصد مبينا طور زهريلي دوا کائي خودڪشي ڪري ڇڏي . ان ڏس ۾ لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ پکو ۾ واقع خانگي اسڪول جي نائب قاصد 18 سالن جي نوجوان سجاد ولد زاهد حسين سامٽيو مبينا طور زهريلي دوا کائي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي اسڪول انتظاميه بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا …
لاڙڪاڻي لڳ ڳوٺ پکو ۾ اسڪول جي نائب قاصد مبينا طور خودڪشي ڪري ڇڏي
لاڙڪاڻو-03 سيپٽمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي لڳ ڳوٺ پکو ۾ خانگي اسڪول جي نائب قاصد مبينا طور زهريلي دوا کائي خودڪشي ڪري ڇڏي . ان ڏس ۾ لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ پکو ۾ واقع خانگي اسڪول جي نائب قاصد 18 سالن جي نوجوان سجاد ولد زاهد حسين سامٽيو مبينا طور زهريلي دوا کائي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي اسڪول انتظاميه بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ آندو، جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ان موقعي تي خانگي اسڪول جي هيڊماستر صحافين کي ٻڌايو ته نوجوان سجاد سامٽيو اسان جي اسڪول ۾ نائب قاصد طور ڊيوٽي ڪندو هيو، جنهن اڄ صبح جو پيٽ ۾ سور پوڻ جي دانهن ڪندي اوچتو بيهوش ٿي پيو، جنهن کي اسان فوري طور تي کڻائي اسپتال آندوسين، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. هن چيو ته ڊاڪٽرن ۽ عملي کي نوجوان جي کيسي مان ڪوئا مار دوا جو خالي ريپر مليون آهي، جنهن مان ظاهر ته اهو ٿي رهيو آهي ته ڪنهن مسئلي سبب نوجوان خودڪشي ڪئي آهي، وڌيڪ سندس وارثن کي اطلاع ڪيو آهي.











