ابوظهبي- 03 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد آل نهيان سان آمريڪي هم منصب ڊونلڊ ٽرمپ ٽيليفون تي رابطو ڪيو. ميڊيا رپورٽن موجب ٻنهي اڳواڻن ٽيليفون تي ٿيل ڳالهين دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار جي مختلف رخن ۽ گڏيل مفادن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ خاص ڪري وچ اوڀر جي صورتحال …
گڏيل عرب امارات جي صدر سان آمريڪي هم منصب جو ٽيليفون تي رابطو، گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي ڳالهيون
ابوظهبي- 03 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد آل نهيان سان آمريڪي هم منصب ڊونلڊ ٽرمپ ٽيليفون تي رابطو ڪيو. ميڊيا رپورٽن موجب ٻنهي اڳواڻن ٽيليفون تي ٿيل ڳالهين دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار جي مختلف رخن ۽ گڏيل مفادن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ خاص ڪري وچ اوڀر جي صورتحال ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ جاري ڪوششن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.












