يورپ پٺيان ڊوڙڻ قبول ناهي، نه ئي ان کي پابنديون ختم ڪرڻ لاءِ درخواست ڪنداسين: روس

ماسڪو- 03 سيپٽمبر (اي پي پي) روس چيو آهي ته هو يورپ جي پٺيان نه ڊوڙندو ۽ نه ئي ان کي پابنديون ختم ڪرڻ لاءِ منٿون ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف اوڀر اقتصادي فورم (اي اي ايف) جي موقعي تي نالج سوسائٽي جي انتظام هيٺ ليڪچر کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته روس ڪڏهن به يورپ سان لاڳاپن ۾ رنڊڪ ناهي وڌي …

ماسڪو- 03 سيپٽمبر (اي پي پي) روس چيو آهي ته هو يورپ جي پٺيان نه ڊوڙندو ۽ نه ئي ان کي پابنديون ختم ڪرڻ لاءِ منٿون ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف اوڀر اقتصادي فورم (اي اي ايف) جي موقعي تي نالج سوسائٽي جي انتظام هيٺ ليڪچر کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته روس ڪڏهن به يورپ سان لاڳاپن ۾ رنڊڪ ناهي وڌي ۽ نه ئي پاڻ کي يورپ کان ڌار ڪيو آهي، اهو يورپي يونين جو پنهنجو فيصلو هو. سرگئي لاوروف چيو ته يورپ اهو سمجهيو ته گذريل سالن دوران روس سان سهڪار ايتري قدر اهم هو جو روس پاڻ انهن وٽ ڊوڙيندو ايندو ۽ چوندو ته ”اچو جيڪو ڪجهه ٿيو ان کي وساري ڇڏيون، اسان کي معاف ڪري ڇڏيو ۽ پابنديون ختم ڪريو“ پر ايئن ڪڏهن نه ٿيندو. پرڏيهي وزير چيو ته روس وٽ بهترين معنيٰ ۾ قومي وقار موجود آهي ۽ ان کي ڪنهن جي خير سگالي جي قطعي ضرورت ناهي.