رياض- 03 سيپٽمبر (اي پي پي) خادم الحرمين الشريفين پروگرام تحت آيل عمره زائرين جو ٽيون گروپ مدينه منوره پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي عرب جي اسلامي معاملن واري وزارت پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي پوسٽ ۾ ٻڌايو ته ٽئين گروپ ۾ شامل 23 آفريقي ملڪن سان تعلق رکندڙ 250 ماڻهو مديني شريف پهتا آهن. ان گروپ ۾ مصر، مراڪش، تيونس، الجزائر، سينيگال، گني، ڪيمرون، نائيجيريا، گهانا، ايٿوپيا، روانڊا، موريطانيه، …
خادم الحرمين الشريفين مهمان پروگرام تحت، عمره زائرين جو ٽيون گروپ مدينه منوره پهچي ويو
رياض- 03 سيپٽمبر (اي پي پي) خادم الحرمين الشريفين پروگرام تحت آيل عمره زائرين جو ٽيون گروپ مدينه منوره پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي عرب جي اسلامي معاملن واري وزارت پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي پوسٽ ۾ ٻڌايو ته ٽئين گروپ ۾ شامل 23 آفريقي ملڪن سان تعلق رکندڙ 250 ماڻهو مديني شريف پهتا آهن. ان گروپ ۾ مصر، مراڪش، تيونس، الجزائر، سينيگال، گني، ڪيمرون، نائيجيريا، گهانا، ايٿوپيا، روانڊا، موريطانيه، آئيوري ڪوسٽ، برڪينافاسو، چاڊ، تنزانيه، ڏکڻ آفريقا، زيمبيا، انگولا ۽ مالي جا زائرين شامل آهن. اسلامي معاملن واري وزارت عمره زائرين لاءِ هڪ جامع پروگرام جوڙيو آهي جنهن ۾ مڪي شريف آمد کان اڳ مسجد نبوي جي زيارت، ڪنگ فهد قرآن پرنٽنگ ڪامپليڪس، مسجد قبا، مديني شريف جي تاريخي ۽ اسلامي هنڌن جا دورا شامل آهن جڏهن ته مهمان مڪي شريف ۾ عمري جي ادائگي سان گڏ ڪنگ عبدالعزيز فيڪٽري (ڪسوه)، غار حرا ڪلچرل ڊسٽرڪٽ ۽ ٻين هنڌن جو دورو ڪندا. ياد رهي ته خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ذاتي خرچ تي مختلف ملڪن مان هڪ هزار ماڻهن کي عمرو ڪرائڻ جي منظوري ڏني آهي.












