لنڊن-03 سيپٽمبر (اي پي پي) برطانيا جي حڪومت مهمان نوازي سان وابسته ڪاروباري ادارن جي مدد لاءِ هڪ ڪروڙ پائونڊ 13.5 ملين آمريڪي ڊالرن جي ٽي سالا گرانٽ اسڪيم شروع ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب حڪومت جي سرڪاري ويب سائيٽ تي جاري بيان موجب مهمان نوازي جو شعبو سجي ملڪ جي مقامي معيشت ۽ برادرين جي مدد ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو ان لاءِ نئين اسڪيم جو مقصد …
برطانيا ۾ مهمان نوازي جي شعبي لاءِ هڪ ڪروڙ پائونڊ جي امدادي اسڪيم شروع
لنڊن-03 سيپٽمبر (اي پي پي) برطانيا جي حڪومت مهمان نوازي سان وابسته ڪاروباري ادارن جي مدد لاءِ هڪ ڪروڙ پائونڊ 13.5 ملين آمريڪي ڊالرن جي ٽي سالا گرانٽ اسڪيم شروع ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب حڪومت جي سرڪاري ويب سائيٽ تي جاري بيان موجب مهمان نوازي جو شعبو سجي ملڪ جي مقامي معيشت ۽ برادرين جي مدد ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو ان لاءِ نئين اسڪيم جو مقصد ڳوٺن ۾ خانداني ريسٽورنٽس ۽ مقامي ڪيفي سميت ٻي ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ آهي. بيان موجب فنڊز اهڙن منصوبن تي خرچ ڪيا ويندا جيڪي نوان ڪاروبار شروع ڪرڻ ۽ تربيتي پروگرامن ۾ مدد ڏين ته جيئن ماڻهو مستقبل ۾ روزگار ۽ پيشيوراڻن موقعن لاءِ ضروري مهارت، اعتماد ۽ ڪم جو جذبي حاصل ڪري سگهن. اپريل 2027ع کان پب، ڪلب ۽ لائيو ميوزڪ هنڌن جي ڪاروباري ريٽس جي بلن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي. ان قدم سان هڪ عام پب کي ايندڙ سال هڪ هزار پائونڊ کان هڪ هزار 350 ڊالرن جي بچت ٿيندي.












