گڏيل قومون -03 سيپٽمبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام ( يو اين اي پي ) خبردار ڪيو آهي ته عالمي گرمي پد ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پيرس معاهدي تحت مقرر ڪيل 1.5 ڊگري سيلسيس جي حد کان به وڌي ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب يو اين اي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي تازي رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته عالمي گرمي پد ۾ اضافي جي شرح 1.8 ڊگري سيلسيس …
عالمي گرمي پد ڪجهه سالن ۾ 1.5 ڊگري سيليس کان به وڌي سگهي ٿو :گڏيل قومون
گڏيل قومون -03 سيپٽمبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام ( يو اين اي پي ) خبردار ڪيو آهي ته عالمي گرمي پد ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پيرس معاهدي تحت مقرر ڪيل 1.5 ڊگري سيلسيس جي حد کان به وڌي ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب يو اين اي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي تازي رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته عالمي گرمي پد ۾ اضافي جي شرح 1.8 ڊگري سيلسيس تائين پهچي سگهي ٿي. رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته شديد موسمي حالتن ۽ ماحولياتي نظام کي نقصان ۾ اضافي سان انساني صحت، غذائي تحفظ ، بنيادي ڍانچي ۽ معيشتن کي سنگين خطرو درپيش هوندو. هن چيو ته عالمي گرمي پد 1.5 ڊگري سيليس کان وڌيڪ رهي ٿو ته ان جا سٺا نتيجا نڪرندا. سڄي دنيا ۾ شديد گرمي جي لهر اڳ ئي ظاهر ڪري رهي آهي ته موسمياتي تبديلي جا اثر تيزي سان ظاهر ٿيندا. اهي وڌيڪ تيز ۽ ڊگهي عرصي تائين جاري رهندا جنهن سبب وڌيڪ جاني نقصان ۽ معاشي نقصان پيدا ٿيندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گرين هائوس گيسن جي اخراج سان فوري ۽ لڳاتار گهٽتائي ذريعي عالمي گرمي پد ۾ اضافي کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ان مقصد لاءِ گرمي پد ۾ اضافي جي بلند ترين سطح کي محدود ڪرڻ ۽ پيرس معاهدي جي عالمي هدف حاصل ڪرڻ کي ممڪن بڻائڻ آهي.












