گڏيل قومون-03 سيپٽمبر(اي پي پي) گڏيل قومن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ رات جي وقت ٿيل چڪرين تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوجي ڪارروائي روڪڻ ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ جاري ڪيل بيان ۾ شهرين جي فوتگين جي اطلاع تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ايران ۾ هڪ شادي جي تقريب کي نشانو …
گڏيل قومن پاران آمريڪا – ايران چڪرين تي ڳڻتي جو اظهار، ڌرين کي تحمل جي اپيل
گڏيل قومون-03 سيپٽمبر(اي پي پي) گڏيل قومن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ رات جي وقت ٿيل چڪرين تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوجي ڪارروائي روڪڻ ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ جاري ڪيل بيان ۾ شهرين جي فوتگين جي اطلاع تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ايران ۾ هڪ شادي جي تقريب کي نشانو بنائڻ جو واقعو به شامل آهي. هن شهرين خلاف سمورن حملن جي مذمت ڪندي چيو ته سموريون ڌريون عالمي انساني قانون تحت پنهنجي ذميوارين جي پابندي ڪن. ترجمان چيو ته انتونيو گوتريش سمورين ڌرين تي زور ڀريو آهي ته هو اهڙن قدمن ۽ بيان بازي کان پاسو ڪن. هن خبردار ڪيو ته وڌيڪ ڇڪتاڻ جا شهرين، خطي ۽ ان کان ٻاهر جي علائقن لاءِ تباهه ڪن نتيجا ٿي سگهن ٿا. جڏهن ته خطي جون هوائي حدون ۽ اهم بحري واپاري رستا به شديد متاثر ٿي رهيا آهن . ترجمان چيو ته وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتان شهرين کي شديد متاثر ڪيو آهي ۽ خطي ۾ انساني ضرورتن ۽ امدادي ڪاررواين تي وڌيڪ دٻاءَ وڌيو آهي. هن هيو ته نار ۾ ڇڪتان اهڙي وقت ۾ وڌيڪ خرابي جو سبب بڻجي سگهي ٿي جڏهن انساني امدادي ڪارروايون اڳ ئي وسيلن جي گهٽتائي ۽ شديد دٻاءُ جو شڪار آهن. هن چيو ته انتونيو گوتريش آمريڪا ۽ ايران تي زور ڀريو آهي ته هو جلد سفارتڪاري طرف واپس اچن ڇو ته پائيدار حل رڳو ڳالهين ذريعي ئي حل ڪري سگهجي ٿو.












