گڏيل قومون- 03 سيپٽمبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي سڄي دنيا ۾ زندگيون تبديل ڪندڙ معاون ٽيڪنالوجي ، اوزار ۽ خدمت کي خاص طورتي اسرندڙ ملڪن ۾ سستو ۽ قابل رسائي بڻائڻ بابت پاڪستان جي قيادت ۾ پيش ڪيل تاريخي قرارداد متفقه طورتي منظور ڪري ورتو آهي.” معاون ٽيڪنالوجي تائين رسائي “ جي عنوان سان اهو پنهنجي نوعيت جي پهريون قرارداد آهي، اهو قدم ان بنيادي اصولن جي …
گڏيل قومون، جنرل اسيمبلي عالمي سطح تي معاون ٽيڪنالوجي تائين رسائي وڌائڻ بابت پاڪستان جي قيادت ۾ پيش ڪيل قرارداد متفقه طورتي منظور ڪري ورتو
گڏيل قومون- 03 سيپٽمبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي سڄي دنيا ۾ زندگيون تبديل ڪندڙ معاون ٽيڪنالوجي ، اوزار ۽ خدمت کي خاص طورتي اسرندڙ ملڪن ۾ سستو ۽ قابل رسائي بڻائڻ بابت پاڪستان جي قيادت ۾ پيش ڪيل تاريخي قرارداد متفقه طورتي منظور ڪري ورتو آهي.” معاون ٽيڪنالوجي تائين رسائي “ جي عنوان سان اهو پنهنجي نوعيت جي پهريون قرارداد آهي، اهو قدم ان بنيادي اصولن جي عالمي سطح تي وسيع حمايت جي ترجماني ڪري ٿو ته ٽيڪنالوجي جو سڀ کان وڏو مقصد ان وقت پورو ٿيندو جڏهن انساني صلاحيتن ۽ امڪانن کي هٿي وٺائي . گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندي عاصم افتخار احمد 193 رڪني جنرل اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪندي چيو ته معاون ٽيڪنالوجي ۾ ويل چيئرز ، مصنوعي اوزار، ٻڌڻ کان محروم ماڻهن لاءِ استعمال ٿيندڙ اوزار، مواصلاتي اوزار ، اسڪرين ريڊار ۽ ٻيا ڊيجيٽل اوزار شامل آهن جيڪي معذور ماڻهن، بزرگ ماڻهن، ۽ صحت جي ٻين مسئلن کي منهن ڏيندڙ ماڻهن کي وڌيڪ خودمختياري ۽ باوقار زندگي گذارڻ ۾ مدد ڏيندا آهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته سڄي دنيا ۾ اٽڪل 2.5 بلين ماڻهن کي معاون مصنوعات جي ضرورت آهي جڏهن ته لکين ماڻهن کي قيمتن ۾ اضافي، دستيابي جي مسئلن، ٽيڪنالوجي تائين محدود رسائي، ناڪافي بنيادي ڍانچي ۽ خدمت ۽ تربيت يافته ماڻهن جي کوٽ جهڙن رڪاوٽن سبب مناسب سهولت ميسر ناهن. قرارداد ۾ معاون ٽيڪنالوجي تائين رسائي کي وسيع تر ترقياتي ۽ سماجي شموليت جي ايجنڊا جو حصو قرار ڏنو ويو ۽ ان ۾ تعليم، روزگار، صحت ، سماجي تحفظ ۽ معاشري ۾ بامعنى شرڪت کي تسليم ڪيو ويو. قراداد ۾ معياري ۽ سستي معاون ٽيڪنالوجي تائين پائيدار رسائي، ملڪن کي قومي حڪمت عملي ۽ ترجيحي معاون مصنوعات جي لسٽ تيار ڪرڻ، تحقيق، جدت، بهتر انگ اکر ۽ موثر خريداري جي نظام کي هٿي ڏيڻ، معاون ٽيڪنالوجي استعمال ڪرڻ ۽ ان مان فائدو حاصل ڪندڙ ماڻهن جي بامعنى شموليت جو پڻ مطالبو ڪيو ويو . اسرندڙ ملڪن جي حوالي سان قرارداد ۾ عالمي تعاون، مالي سهڪار ۽ ٽيڪنيڪل مدد مضبوط بڻائڻ تي پڻ زور ڏنوويو خاص طورتي انهن ملڪن لاءِ جتي وسيلا ۽ اداراجاتي صلاحيتون محدود آهي . قراداد ۾ ان ڳالهه کي به تسليم ڪيو ويو ته بحرانن دوران معاون ٽيڪنالوجي جي ضرورت ختم ناهي ٿي. اختيارين چيو ته ان قراداد جو مسودو تيار ڪرڻ ۽ ڳالهين ۾ اهم ڪردار گڏيل قومن ۾ پاڪستان مشن جي قونصلر صائمه سليم ادا ڪيو آهي . هوءَ پاڪستان جي پهرين اکين جي روشني کان محروم ڪيريئرسفارتڪار آهي ۽ پاڻ به معاون ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪندي آهي. پاڪستاني نمائندي عاصم افتخار احمد صائم سليم جي محنت کي خراج تحسين پيش ڪيو . هن چيو ته اکين جي روشني کان محروم شخص لاءِ اسڪرين ريڊر ڪمپيوٽر يا سمارٽ فون کي تعليم، معلومات ۽ روزگار تائين رسائي جو ذريعو بڻائي سگهجي ٿو. اهڙي طرح ويل چيئر ڪنهن به شخص لاءِ اسڪول يا آفيس تائين پهچڻ جورستو کولي سگهي ٿي، ٻڌڻ کان محرومي جو اوزار هڪ ٻار کي استاد سان مربوط ڪري سگهي ٿو جڏهن ته مصنوعي عضون چرپر ۽ خودمختياري بحال ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي. پاڪستان ان معاملي تي ڊگهي عرصي کان عالمي سطح تي قيادت ڪندو رهيو آهي. پاڪستان ورلڊ هيلٿ اسيمبلي جي قراداد 71.8 پيش ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو هو جيڪا معاون ٽيڪنالوجي تائين رسائي بهتر بڻائڻ بابت هئي ۽ 2018 ع ۾ اتفاق راءِ سان منظور ٿي هئي.












