اسلام آباد- 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي عوام جي ڀلائي، ترقي ۽ خوشحالي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، قائد محمد نواز شريف جي وزن ۽ رهنمائي تحت آزاد ڪشمير جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري بيان موجب، هن اهڙن خيالن جو …
آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي عوام جي ڀلائي، ترقي ۽ خوشحالي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي عوام جي ڀلائي، ترقي ۽ خوشحالي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، قائد محمد نواز شريف جي وزن ۽ رهنمائي تحت آزاد ڪشمير جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري بيان موجب، هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪشمير معاملن ۽ گلگت بلتستان جي وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن وزيراعظم سان هتي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير وزيراعظم کي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سان لاڳاپيل معاملن، خاص طور تي جاري ترقياتي منصوبن ۽ عوامي ڀلائي جي قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير آزاد ڪشمير ۾ تازين چونڊن جي حوالي سان پڻ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم آزاد ڪشمير ۾ چونڊن جي انعقاد ۽ چونڊ عمل جي حوالي سان انجنيئر امير مقام جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته قائد محمد نواز شريف جي وزن ۽ رهنمائي تحت آزاد ڪشمير جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌايو ويندو. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي عوام جي ڀلائي، ترقي ۽ خوشحالي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ ان حوالي سان هر ممڪن قدم جاري رکيا ويندا.











