اسلام آباد - 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صحت جي شعبي ۾ سڌارن جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پمز ۾ باهه لڳڻ جي ڏوهاري غفلت ڪندڙ اهلڪارن سان ڪا رعايت نه ٿيندي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪرغزستان مان واپس پهچندي ئي صحت واري وزارت جي معاملن ۽ پمز ۾ باهه لڳڻ جي …
وزيراعظم پاران صحت جي شعبي ۾ سڌارن جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت، پمز ۾ باهه لڳڻ جي ڏوهاري غفلت ڪندڙ اهلڪارن سان ڪا رعايت نه ٿيندي: محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صحت جي شعبي ۾ سڌارن جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پمز ۾ باهه لڳڻ جي ڏوهاري غفلت ڪندڙ اهلڪارن سان ڪا رعايت نه ٿيندي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪرغزستان مان واپس پهچندي ئي صحت واري وزارت جي معاملن ۽ پمز ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جي حوالي سان هنگامي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ صحت واري واري وفاقي وزير سيد مصطفى ڪمال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، صحت واري سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) محمد محمود ۽ پمز اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد سلمان شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي صحت جي شعبي ۽ پمز ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جي حوالي سان جاري جاچ تي خصوصي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته عبوري جاچ رپورٽ جي روشني ۾ وزيراعظم جي فيصلن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ڏوهاري غفلت ڪندڙ اهلڪارن کي ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏني ويندي. وزيراعظم صحت واري وفاقي وزير ۽ صحت واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته اهي ٻئي متبادل ڏينهن ۾ پمز اسپتال ۾ پنهنجي ذاتي موجودگي کي يقيني بڻائين ۽ پنهنجي نگراني ۾ اسپتال جي بهتري لاءِ قدمن تي عملدرآمد ڪرائين. پمز اسپتال ۾ علاج جي سهولتن جي بهتري ۽ سمورن حفاظتي قدمن جو لاڳو يقيني بڻايو وڃي ۽ صحت جي شعبي ۾ سڌارن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي.











