نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت ۾ برطانيا، ترڪيه ۽ ڪرغزستان جي دورن جي حوالي سان فالو اپ اجلاس

اسلام آباد - 02 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪرغزستان مان واپسي کانپوءِ پرڏيهي وزارت ۾ برطانيا، ترڪيه ۽ ڪرغزستان جي دورن جي حوالي سان فالو اپ جي طور تي اجلاس ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ دورن جي نتيجن جو جائزو ورتو ويو ۽ انهن دورن جي دوران ٿيندڙ ملاقاتن ۽ طئي ٿيندڙ معاملن تي …

اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪرغزستان مان واپسي کانپوءِ پرڏيهي وزارت ۾ برطانيا، ترڪيه ۽ ڪرغزستان جي دورن جي حوالي سان فالو اپ جي طور تي اجلاس ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ دورن جي نتيجن جو جائزو ورتو ويو ۽ انهن دورن جي دوران ٿيندڙ ملاقاتن ۽ طئي ٿيندڙ معاملن تي وڌيڪ ڪارروائي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته بحث هيٺ ايندڙ معاملن ۽ ٿيندڙ ملاقاتن جي حوالي سان وقت سر ۽ موثر فالو اپ کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ، يو اين بابت ايڊيشنل سيڪريٽري نبيل منير ۽ ٻين لاڳاپيل سينيئر عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم سان گڏ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي.