اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي ڏکڻ، وچ ۽ اولهه ايشيا جي نائب صدر ينگ منگ يانگ وفد سان گڏ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ اي ڊي بي وچ ۾ تعاون، ساختي سڌارن، سيڙپڪاري، نجي شعبي جي ترقي ۽ مالياتي سهولتن تائين پهچ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. …
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي اي ڊي بي جي نائب صدر سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي ڏکڻ، وچ ۽ اولهه ايشيا جي نائب صدر ينگ منگ يانگ وفد سان گڏ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ اي ڊي بي وچ ۾ تعاون، ساختي سڌارن، سيڙپڪاري، نجي شعبي جي ترقي ۽ مالياتي سهولتن تائين پهچ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ينگ منگ يانگ پاڪستان ۾ معاشي استحڪام طرف اڳڀرائي تي ناڻي واري وزير ۽ حڪومت کي مبارڪون ڏنيون ۽ مالياتي نظم و ضبط، پرڏيهي کاتن ۽ مجموعي معاشي استحڪام حاصل ٿيڻ واري بهتري کي ساراهيو. هن پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ مثبت اڳڀرائي جي به ساراهه ڪندي ان کي مسلسل سڌارن ۽ معاشي بنيادن ۾ بهتري جو ثبوت قرار ڏنو. اربع ڏينهن ناڻي واري وزارت مان جاري بيان موجب ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان سان اي ڊي بي جي پراڻي حصيداري ۽ حڪومت جي سڌارن واري ايجنڊا لاءِ مسلسل تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته پائيدار معاشي ترقي جو بنياد رکڻ لاءِ ملڪي وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ، پبلڪ فنانس، توانائي، انشورنس، پينشن ۽ ٻين اهم شعبن ۾ سڌارن کي اداره جاتي شڪل ڏيڻ ضروري آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جو ڌيان هاڻي معاشي استحڪام کان پائيدار ۽ جامع اقتصادي ترقي ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ سيڙپڪاري، روانگي واپار، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ نجي شعبي جي شموليت تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن خودمختيار فنانسنگ کان اڳتي وڌي نجي شعبي جي آپريشنز ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپس سميت اي ڊي بي جي وڌندڙ شموليت جي آجيان ڪئي. ملاقات ۾ خاص ڪري ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن (ايس ايم ايز) لاءِ مالياتي سهولتن تائين پهچ کي پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ ايڪسپورٽ حڪمت عملي جو اهم حصو قرار ڏنو ويو. ينگ منگ يانگ پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن لاءِ اي ڊي بي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته بئنڪ جي ترجيحن ۽ پاڪستان حڪومت جي سڌارن واري ايجنڊا ۾ مضبوط هم آهنگي موجود آهي. هن نجي شعبي جي ترقي، ايس ايم اي ويليو چين فنانسنگ ۽ ٻين شعبن ۾ وڌيڪ تعاون لاءِ راضپو ظاهر ڪيو. اي ڊي بي جي نائب صدر پائيدار اقتصادي ترقي طرف پاڪستان جي منتقلي دوران مالياتي احتياط برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ملاقات ۾ پينشن سڌارن ۽ اداره جاتي صلاحيت وڌائڻ جا معاملا به بحث هيٺ آيا. ناڻي واري وزير انهن شعبن ۾ اي ڊي بي جي مسلسل فني مدد کي ساراهيو.











