اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيمه سان اي ڊي بي جي نائب صدر جي ملاقات

اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) ايم ايل ون سميت اهم قومي ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد تيز ڪرڻ، نجي شعبي جي حصيداري ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ روانگي واپار تي ٻڌل پائيدار اقتصادي ترقي جي لاءِ تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڏکڻ، وچ ۽ اولهه ايشيا لاءِ نائب صدر ينگ منگ يانگ پاڪستان جي پنهنجي پهرين …

اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) ايم ايل ون سميت اهم قومي ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد تيز ڪرڻ، نجي شعبي جي حصيداري ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ روانگي واپار تي ٻڌل پائيدار اقتصادي ترقي جي لاءِ تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڏکڻ، وچ ۽ اولهه ايشيا لاءِ نائب صدر ينگ منگ يانگ پاڪستان جي پنهنجي پهرين سرڪاري دوري جي موقعي تي اربع ڏينهن اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيمه سان ملاقات ڪئي. اقتصادي معاملن واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير پاڪستان جي اهم ترقياتي ترجيحن کي هٿي ڏيڻ ۾ 6 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان اعتماد جوڳي ۽ موثر ترقياتي حصيدار طور اي ڊي بي جي ڪردار کي ساراهيو. هن اي ڊي بي طرفان ڪنٽري پارٽنرشپ اسٽريٽجي 30-2026ع جي منظوري کي به ساراهيو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت گذريل 3 کان 4 سالن دوران آءِ ايم ايف، اي ڊي بي ۽ عالمي بئنڪ سميت اهم ترقياتي حصيدارن سان ويجهي تعاون سان جامع مالياتي، ساختي ۽ گورننس سڌارا متعارف ڪرايا آهن، جن مان ملڪي معيشت تي اعتماد بحال ڪرڻ ۽ پائيدار اقتصادي ترقي لاءِ مضبوط بنياد قائم ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. انهن سڌارن معاشي استحڪام، اقتصادي اوسر عالمي ڪريڊٽ ريٽنگز ۾ بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. احد چيمه ايم ايل ون کي قومي اهميت وارو فليگ شپ منصوبو قرار ڏنو، هن چيو ته نجڪاري حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي جڏهن ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي موثر فريم ورڪ، منصوبن تي عملدرآمد بهتر بڻائڻ ۽ واپاري بنيادن تي عمل جوڳن منصوبن جي مضبوط پائيپ لائين تيار ڪرڻ لاءِ قدم جاري آهن. هن اي ڊي بي تي زور ڀريو ته پاڪستان ۾ نجي شعبي لاءِ پنهنجي سيڙپڪاري ۽ آپريشنز کي وڌيڪ وڌائي. اي ڊي بي جي نائب صدر عالمي ريٽنگ ايجنسين طرفان پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري جي آجيان ڪندي معاشي استحڪام لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو. هن پاڪستان ۾ ايم ايل ون منصوبي جي حوالي سان حڪومت طرفان پيدا ڪيل مضبوط اڳڀرائي جي ماحول کي ساراهيو ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته اي ڊي بي پاڪستان حڪومت سان ويجهو تعاون جاري رکندو ته جيئن منصوبي تي جلد کان جلد عملي ڪم ۽ گرائونڊ بريڪنگ جي راهه هموار ڪري سگهجي. ملاقات ۾ ٻنهي طرفن کان ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ اي ڊي بي وچ ۾ مضبوط حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪندي ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد تيز ڪيو ويندو، نجي شعبي جي شرڪت ۾ اضافو ڪيو ويندو ۽ ان حصيداري کي ٺوس ۽ عمل جوڳي معاشي نتيجن ۾ تبديل ڪيو ويندو.