رسالپور- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي اي جي 30 پراجيڪٽ کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ، جنوري 2027ع کان 400 هائپر ويگنن جي تياري شروع ڪرڻ ۽ 31 ڊسمبر تائين ٽرينن جي ڊي ريل جي سببن جي روڪٿام جي حتمي ڊيڊ لائين ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته رسالپور لوڪو موٽيو فيڪٽري کي عالمي معيار تي آڻي ان جي 100 سيڪڙو پيداواري صلاحيت کي …
وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پاران رسالپور فيڪٽري جو دورو

مزید خبریں
رسالپور- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي اي جي 30 پراجيڪٽ کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ، جنوري 2027ع کان 400 هائپر ويگنن جي تياري شروع ڪرڻ ۽ 31 ڊسمبر تائين ٽرينن جي ڊي ريل جي سببن جي روڪٿام جي حتمي ڊيڊ لائين ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته رسالپور لوڪو موٽيو فيڪٽري کي عالمي معيار تي آڻي ان جي 100 سيڪڙو پيداواري صلاحيت کي استعمال ۾ آندو وڃي جڏهن ته نجي شعبي لاءِ به هتي شيون تيار ڪيون وڃن. هن اهي هدايتون پاڪستان لوڪو موٽيو فيڪٽري رسالپور جي دوري جي موقعي تي جاري ڪيون. دوري دوران وفاقي وزير کي تفصيلي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته آمدني واپار جي متبادل طور فيڪٽري ۾ مختلف لوڪو موٽيوز جا 300 اسپيئر پارٽس مقامي سطح تي تيار ڪيا ويا آهن، جنهن سان 2.6 ارب روپين جي قيمتي پرڏيهي مٽاسٽا ناڻي جي بچت ممڪن ٿي آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ريلوي انجڻين کي جديد ۽ اي ايف آءِ سسٽم تي منتقلي جي ايس آر 100- پراجيڪٽ تحت 15 عدد AGE-30 لوڪو موٽيوز جي جديدڪاري، 2 حادثاتي انجڻين جي بحالي ۽ ڊيزل اسپيئرز جي مسلسل مينوفيڪچرنگ جاري آهي جڏهن ته سيپٽمبر 2026ع کان مارچ 2027ع تائين AGE-30 جي 16 ڊيزل اليڪٽرڪ لوڪو موٽيوز جي مرحليوار بحالي ۽ ٽرن آئوٽ جو پلان به عمل هيٺ آهي. ان کانسواءِ 820 هائپر ويگنز منصوبي تحت رسالپور فيڪٽري کي سونپيل 230 اوپن ٽاپ ويگنز مان 147 تيار ٿي چڪيون آهن ۽ باقي 83 ويگنز 30 نومبر 2026ع تائين مرحيلوار مڪمل ڪيون وينديون. وفاقي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم، بيورو ڪريسي ۽ لاڳاپيل وزارتون ريلوي جي بحالي ۽ تيز رفتار ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن رسالپور فيڪٽري کي قومي ريلوي جو اهم اثاثو ۽ وقار قرار ڏيندي ورڪرز ۽ انجنيئرز جي اڻٿڪ محنت کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ عملي کي پيداواري هدف حاصل ڪرڻ لاءِ سمورا گهربل وسيلا ۽ سهولتون ترجيحي بنيادن تي فراهم ڪرڻ جاحڪم جاري ڪيا.











