وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني جون سياسي شخصيتن ۽ ڪاروباري برادري جي نمائندن سان ملاقاتون

اسلا آباد - 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ايوان صدر ۾ سياسي شخصيتن ۽ ڪاروباري برادري جي نمائندن سان ملاقاتون ڪيون ۽ قومي، علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن بشمول سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ اوچتو ايندڙ ٻوڏ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي …

اسلا آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ايوان صدر ۾ سياسي شخصيتن ۽ ڪاروباري برادري جي نمائندن سان ملاقاتون ڪيون ۽ قومي، علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن بشمول سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ اوچتو ايندڙ ٻوڏ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جي پارلياماني ليڊر احمد ڪريم ڪنڊي سان گڏ وقتي صدر سان ملاقات ڪئي ۽ کيس خيبرپختونخواهه ۾ امن ۽ استحڪام سان لاڳاپيل معاملن کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ سيڪيورٽي جي مسئلن، صوبي جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال، امداد ۽ بحالي جي لاءِ جاري ڪوششن جڏهن ته ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هڪ ٻي ملاقات ۾ اڳوڻي وفاقي ۽ صوبائي وزير سيد صمصام بخاري سيد يوسف رضا گيلاني سان ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي چونڊ تڪ بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳوڻي صدر سردار محمد يعقوب خان پڻ وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ تازين چونڊن کانپوءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي سياسي صورتحال، خطي جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سردار يعقوب خان سيد يوسف رضا گيلاني جي بطور وزيراعظم جي دور ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ شروع ڪيل اهم ترقياتي منصوبن کي ياد ڪندي چيو ته مظفرآباد، راولاڪوٽ ۽ ميرپور ۾ ٽن ميڊيڪل ڪاليجز جو قيام به انهن قدمن ۾ شامل هئا جتي ڀارتي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي شاگردن جي لاءِ پڻ ڪوٽا مخصوص آهي. هن چيو ته ان دور ۾ کنيل قدمن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي مختلف صوبن ۽ علائقن سان تعلق رکندڙ 16 هزار کان وڌيڪ شاگرد هن وقت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي مختلف يونيورسٽين ۾ تعليم پرائي رهيا آهن. سردار يعقوب جهلم درياءَ تي تعمير ڪيل هڪ پُل جو پڻ ذڪر ڪيو جيڪا سندس صدارت جي دور ۾ تعمير ٿي ۽ ان کي باب يوسف جو نالو ڏنو ويو. هن چيو ته ان پُل آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ رابطي کي نمايان طور تي بهتر بڻايو ۽ سفر جو فاصلو 125 ڪلوميٽر گهٽ ڪري ڇڏيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ڪشمير سدائين کان پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت جي دل جي ويجهو رهيو آهي. هن ڪشمير مسئلي جي حوالي سان پارٽي جي پراڻي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اڳوڻي وفاقي پرڏيهي وزير سيد جليل عباس جيلاني سان ملاقات دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال بابت معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. رائيس ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي چيئرمين فيصل جهانگير پڻ وقتي صدر سان جدا ملاقات ڪئي ۽ کيس چانور جي برآمد بابت معاملن کان آگاهه ڪيو.