اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران ڊائريڪٽر ٽو فيڊرل منسٽر ڪشمير، گلگت بلتستان معاملا ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر هوسٽنگ ڪميونٽي انجنيئر محمد عارف جي والد جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ سندس آفيس آمد

اسلا آباد - 02 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اربع ڏينهن هتي ڊائريڪٽر ٽو فيڊرل منسٽر ڪشمير، گلگت بلتستان معاملا ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر هوسٽنگ ڪميونٽي انجنيئر محمد عارف جي والد جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ سندس آفيس ويو ۽ انجنيئر محمد عارف سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته انجنيئر محمد عارف …

اسلا آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اربع ڏينهن هتي ڊائريڪٽر ٽو فيڊرل منسٽر ڪشمير، گلگت بلتستان معاملا ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر هوسٽنگ ڪميونٽي انجنيئر محمد عارف جي والد جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ سندس آفيس ويو ۽ انجنيئر محمد عارف سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته انجنيئر محمد عارف جي والد جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، والد جو لاڏاڻو هڪ وڏو صدمو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعالى مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلى مقام ڏي ۽ سوڳوار خاندان کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي هميت ۽ صبر جميل عطا فرمائي. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي ايصال ثواب ۽ درجن جي بلنديءَ لاءِ فاتحه خواني ۽ دعا پڻ ڪئي. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو سينيئر اڳواڻ علي خان يوسفزئي پڻ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان گڏ هو.