اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته عدالتن جي موثر ڪارڪردگي ۽ انصاف جي تڪڙي فراهمي لاءِ مناسب عدالتي انفرا اسٽرڪچر ۽ وقت سر مالي مدد ضروري آهي، عدالتي سڌارن جي هدفن کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ عدليه ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ مسلسل اداره جاتي رابطا ضروري آهن. سپريم ڪورٽ مان جاري پڌرائي موجب سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ …
عدالتن جي موثر ڪارڪردگي ۽ انصاف جي فراهمي لاءِ مناسب انفرا اسٽرڪچر ۽ وقت سر مالي مدد ضروري آهي: چيف جسٽس يحيٰ آفريدي

مزید خبریں
اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته عدالتن جي موثر ڪارڪردگي ۽ انصاف جي تڪڙي فراهمي لاءِ مناسب عدالتي انفرا اسٽرڪچر ۽ وقت سر مالي مدد ضروري آهي، عدالتي سڌارن جي هدفن کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ عدليه ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ مسلسل اداره جاتي رابطا ضروري آهن. سپريم ڪورٽ مان جاري پڌرائي موجب سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ سنڌ ۾ عدالتي شعبي جي ترقياتي منصوبن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت، سنڌ جي قانون واري وزير، سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ سنڌ جي ناڻي واري سيڪريٽري شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ عورتن لاءِ سهولت مرڪزن جي تعمير، صوبائي ۽ وفاقي عدالتن کي موزون عمارتن ۾ منتقل ڪرڻ، جاري عدالتي انفر اسٽرڪچر منصوبن کي بنا رڪاوٽ مڪمل ڪرڻ ۽ وقت سر فنڊن جي فراهمي بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڪورنگي ڊسٽرڪٽ ڪورٽس ڪامپليڪس بابت معاملا به بحث هيٺ آيا، التوا ۾ پيل معاملا حل ڪرڻ ۽ منصوبي تي اڳڀرائي تيز ڪرڻ تي زور ڀريو ويو. چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته عدالتي سڌارن جي هدفن کي عدالتن جي انفرا اسٽرڪچر، عوامي سهولت ۽ سروس ڊليوري ۾ عملي بهتري ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ عدليه ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ مسلسل رابطا ضروري آهن. سنڌ حڪومت جي نمائندن عدالتي شعبي لاءِ تعاون جاري رکڻ ۽ انصاف واري نظام کي مضبوط بڻائڻ وارن منصوبن کي ترجيح ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن خاطري ڪرائي ته لاڳاپيل کاتا عدليه سان ويجهو رابطو برقرار رکندي التوا ۾ پيل معاملا حل ڪرڻ ۽ منصوبن کي وقت مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ڪندا. چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز خاص ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ، بار ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ مسلسل مشاورت ۽ ويجهن رابطن ذريعي گڏيل اتفاق سان قابل عمل حل ڪڍيو ويندو. هن چيو ته اهي قدم وسيع تر عدالتي سڌاران جي ايجنڊا جو حصو آهن جن جو مقصد بهتر انفراسٽرڪچر، ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ واريون سهولتون ۽ مضبوط عوامي سهولتڪاري ذريعي انصاف جي ادارن کي وڌيڪ پهچ جوڳو، موثر، عوام مرڪز ۽ عوامي ضرورتن لاءِ جوابده بڻائڻ آهي.











