اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربع ڏينهن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ بينچ مارڪ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1690.40 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 174776.59 پوائنٽس تي بند ٿيو. ريڊي مارڪيٽ ۾ 610.181 ملين شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جڏهن ته ڪاروباري ماليت 37.410 ارب روپين کان گهٽجي 31.860 ارب رپيا رهجي وئي. مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 19.782 ٽريلين روپين کان گهٽجي 19.581 ٽريلين رپيا رهجي وئي. …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪچسينج ۾ ٻاڙائي جو رجحان، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ 1690.40 پوائنٽس جي گهٽتائي رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربع ڏينهن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ بينچ مارڪ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1690.40 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 174776.59 پوائنٽس تي بند ٿيو. ريڊي مارڪيٽ ۾ 610.181 ملين شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جڏهن ته ڪاروباري ماليت 37.410 ارب روپين کان گهٽجي 31.860 ارب رپيا رهجي وئي. مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 19.782 ٽريلين روپين کان گهٽجي 19.581 ٽريلين رپيا رهجي وئي. ڪاروباري سرگرمين دوران 569 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جن مان 113 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 356 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته 100 ڪمپنين جي شيئرز جون قيمتون مستحڪم رهيون. سينر جيڪو پي ڪي 124.890 ملين شيئرز جي ڪاروبار سان ڳاڻيٽي جي لحاظ کان سرفهرست مقام حاصل ڪيو، ان کانپوءِ ورلڊ ڪال ٽيلي ڪام جي 38.730 ملين ۽ پاڪ ريفائنري جي 37.676 ملين شيئرز جو ڪاروبار ٿيو. نمايان اضافو ڪندڙ شيئرز ۾ پي آءِ اي هولڊنگ ڪمپني لميٽيڊ-بي جا شيئرز 100 روپين جي اضافي سان 17400 رپين تي بند ٿيا، جڏهن ته بڪسلي پينٽس لميٽيڊ جا شيئرز 92.68 رپين جي اضافي سان 1019.45 روپين تي بند ٿيا. گهٽتائي جو شڪار شيئرز ۾ ٿل انڊسٽريز ڪارپوريشن لميٽيڊ جا شيئرز 54.11 روپين جي گهٽتائي سان 1151.35 روپين تي بند ٿيا. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 498.15 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 52134.27 پوائنٽس، جڏهن ته اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 2480.71 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 249368.78 پوائنٽس تي بند ٿيو.











