سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ايليسن بليڪ برن جي ملاقات

ڪراچي- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ايليسن بليڪ برن سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه آيل مهمانن جي آجيان ڪئي، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سان گڏ سنڌ اسيمبلي جا ميمبر ڄام شبير علي خان، هير سوهو، شازيه ڪريم، سنڌ اسيمبلي جو سيڪريٽري جي ايم عمر فاروق ۽ ڊائريڪٽر جنرل ميڊيا عرفان …

ڪراچي- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ايليسن بليڪ برن سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه آيل مهمانن جي آجيان ڪئي، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سان گڏ سنڌ اسيمبلي جا ميمبر ڄام شبير علي خان، هير سوهو، شازيه ڪريم، سنڌ اسيمبلي جو سيڪريٽري جي ايم عمر فاروق ۽ ڊائريڪٽر جنرل ميڊيا عرفان احمد ميمڻ پڻ موجود هئا. اسپيڪر جي ترجمان موجب برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ايليسن بليڪ برن سان گڏ ڊپٽي هيڊ آف مشن ٽام برج ۽ برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ڪراچي جي آفيس ۾ پوليٽيڪل ايڊوائزر هدا اڪرام پڻ موجود هيون. ملاقات دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال، صوبائي خودمختياري، حڪمراني، جمهوري ادارن، پارلياماني معاملن ۽ پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ اقتصادي ۽ عوامي سطح تي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ سميت مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ايليسن بليڪ برن ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ صوبن بابت جاري بحث جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه چيو ته سنڌ اسيمبلي صوبي سان لاڳاپيل مختلف اهم معاملن تي ڪيتريون ئي قراردادون منظور ڪيون آهن، جن ۾ هلندڙ سال فيبروري ۾ سنڌ جي جاگرافيائي حدن بابت منظور ڪيل قرارداد پڻ شامل آهي. هلندڙ اسيمبلي اجلاس جو حوالو ڏيندي اسپيڪر چيو ته اڳوڻي اسپيڪر ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نثار احمد کهڙو التوا واري رٿ پيش ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ اهو معاملو ايوان ۾ بحث هيٺ آهي. هن چيو ته ايوان ۾ جاري بحث مان محسوس ٿي رهيو آهي ته مخالف ڌر جا ميمبر پڻ سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي جي حق ۾ ناهن، پر انهن پاران مڪاني ادارن کي بااختيار بڻائڻ، حڪمراني، وسيلن ۽ مالي ورڇ بابت معاملن کي اٿاريو پيو وڃي. اسپيڪر چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي، جتي مڪاني چونڊن منعقد ڪرائڻ جو تسلسل برقرار رهيو آهي. مؤثر حڪمراني ۽ عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ چونڊيل مڪاني ادارن جو ڪردار انتهائي اهم آهي. برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ايليسن بليڪ برن پڇيو ته جاري بحث جو نتيجو ڇا نڪرندو ۽ ايندڙ قدم ڪهڙا هوندا. اسپيڪر واضح ڪيو ته موجوده بحث کي گڏيل قرارداد ذريعي مڪمل ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ ايوان پنهنجي معمول جي قانونسازي ۽ پارلياماني معاملن ڏانهن واپس موٽي ويندو. اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه لاهور ۾ هڪ ڪاروباري تنظيم پاران منعقد ڪيل تازي سيمينار جو پڻ حوالو ڏنو، جتي سنڌ ۾ نون صوبن جي قيام واري معاملي تي بحث ڪيو ويو هو. هن سوال اٿاريو ته اهڙن فورمن کي صوبي سان لاڳاپيل معاملن تي فيصلا ڪرڻ جو ڪهڙو اختيار يا مينڊيٽ حاصل آهي. اسلام آباد ۾ سنڌ جي مؤقف کي عوام ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز تائين پهچائڻ جي حوالي سان اسپيڪر چيو ته صوبائي قيادت پنهنجي مؤقف تي واضح آهي ۽ پنهنجي قيادت جي هدايتن موجب عمل ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پارٽي جي سينيئر قيادت سنڌ سان لاڳاپيل معاملن تي هميشه واضح مؤقف اختيار ڪيو آهي. اسپيڪر چيو ته هڪ سال اڳ سنڌو درياهه تي نئين واهن جو معاملو سامهون آيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مؤقف اختيار ڪيو، جنهن کانپوءِ وفاقي حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو. برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ايليسن بليڪ برن چيو ته سياسي بحث پنهنجي جاءِ تي اهم آهن، پر بنيادي ڌيان هميشه ان ڳالهه تي هجڻ گهرجي ته عوام لاءِ عملي طور ڪهڙا قدم کنيا وڃن ٿا ۽ ڪهڙيون سهولتون فراهم ڪري سگهجن ٿيون. ان تي اسپيڪر چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هميشه ترقياتي منصوبن ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تي زور ڏنو آهي. اهو ماڊل پاڪستان ۾ ڪامياب مثالن مان هڪ آهي ۽ ان کي عالمي سطح تي پڻ پذيرائي حاصل ٿي آهي. اسپيڪر چيو ته موجوده عالمي مالي صورتحال ۽ معاشي دٻاءَ سبب سڄي ملڪ ۾ بجيٽ بابت ڏکيائيون پيدا ٿيون آهن، جن جا اثر سڀني صوبن تي پيا آهن. اهڙين حالتن ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن، انفراسٽرڪچر ۽ اڳ ئي جاري منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ گهرجي، بجاءِ ان جي ته وڏي انگ ۾ نوان منصوبا شروع ڪيا وڃن. برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ايوان جي مجموعي ماحول بابت پڻ پڇاڻو ڪيو. ان تي اسپيڪر چيو ته عهدو سنڀالڻ کان وٺي هن مخالف ڌر جي بينچن کي وڌ کان وڌ وقت ۽ موقعو فراهم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. ڪيترن ئي موقعن تي مخالف ڌر جي ميمبرن کي في ميمبر حڪومتي بينچن جي ميمبرن کان به وڌيڪ اظهارِ خيال لاءِ وقت ڏنو ويندو آهي. اسپيڪر چيو ته هو ايوان جي ٻنهي پاسن تي موجود ميمبرن سان ملاقاتون ۽ صلاح مشورا ڪندو رهي ٿو ۽ کين پارلياماني روايتن ۽ نظم و ضبط کي برقرار رکڻ، غير پارلياماني ٻولي ۽ ذاتي نوعيت جي ريمارڪس کان پاسو ڪرڻ جي تلقين ڪندو آهي. برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ ڪاروباري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي اسپيڪر کين سنڌ اسيمبلي جي علامتي اجلاس ۽ ٻين قدمن بابت پڻ آگاهه ڪيو، جن جو مقصد شاگردن ۽ نوجوانن کي پارلياماني جمهوريت کان روشناس ڪرائڻ ۽ کين پارلياماني عمل سان ڳنڍڻ آهي. برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر وومينز پارلياماني ڪاڪس بابت پڻ پڇاڻو ڪيو ۽ معلوم ڪيو ته اسپيڪر آفيس ان جي ڪم ۾ ڪهڙي طريقي سان سهڪار ڪري سگهي ٿي. اسپيڪر ٻڌايو ته سنڌ اسيمبلي ۾ عورتن، اقليتن ۽ ٻارن جا ڪاڪس قائم ڪيا ويا آهن ۽ اسپيڪر جي آفيس انهن جي سرگرمين ۽ پارلياماني قدمن ۾ سهولت ۽ معاونت فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪري ٿي. ملاقات دوران برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ايليسن بليڪ برن ايندڙ ڏينهن يا هفتن دوران سکر جي دوري بابت پڻ آگاهه ڪيو. اسپيڪر سندس سکر جي دوري جي آجيان ڪندي کين يقين ڏياريو ته سنڌ جي دوري دوران سکر سميت سنڌ جي ڪنهن به علائقي ۾ کين مڪمل تعاون ۽ هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي ويندي. ملاقات کانپوءِ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ايليسن بليڪ برن سان گڏ سنڌ اسيمبلي جي نئين ۽ تاريخي اسيمبلي هائوس جو دورو ڪيو ۽ کين سنڌ جي پارلياماني تاريخ، اسيمبلي جي تاريخي ۽ پارلياماني ورثي ۽ قانونسازي جي طريقيڪار بابت بريفنگ ڏني. برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي دوري جي يادگار طور اسپيڪر کيس سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ اسيمبلي جي تاريخ تي مشتمل ڪتاب، سنڌ اسيمبلي جي يادگاري شيلڊ، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پيش ڪيو. برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ايليسن بليڪ برن سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه پاران قيمتي وقت ڏيڻ، شاندار ميزباني ۽ تعاون تي سندس شڪريو ادا ڪيو.