لاڙڪاڻو ۾ حُضور پاڪ حضرت محمد صه ۽ امام جعفر الصادق عليه السلام جي ولادت باسعادت جي حوالي سان ميلاد جي محفلن جو سلسلو جاري

لاڙڪاڻو - 02 سيپٽمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو ۾ حُضور پاڪ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم ۽ امام جعفر الصادق عليه السلام جي ولادت باسعادت جي حوالي سان ميلاد جي محفلن جو سلسلو جاري آهي، جناح باغ ۾ انجمن سپاهِ عباس امام بارگاهه سيد منظور حسين شاهه ڪاظمي طرفان ولادت جي سلسلي ۾ محفل ميلاد جو پروگرام منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ مشهور عالمِ دين علامه سيد …

لاڙڪاڻو – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو ۾ حُضور پاڪ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم ۽ امام جعفر الصادق عليه السلام جي ولادت باسعادت جي حوالي سان ميلاد جي محفلن جو سلسلو جاري آهي، جناح باغ ۾ انجمن سپاهِ عباس امام بارگاهه سيد منظور حسين شاهه ڪاظمي طرفان ولادت جي سلسلي ۾ محفل ميلاد جو پروگرام منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ مشهور عالمِ دين علامه سيد شهنشاهه نقوي، حُضور پاڪ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم ۽ امام جعفر الصادق عليه السلام جي سيرتِ طيبه ۽ تعليمات تي تفصيلي روشني وڌي. ٻئي طرف قديمي انجمن پنجتني کچي امام بارگاهه لاڙڪاڻو ۾ به ولادت مبارڪ جي سلسلي ۾ محفل ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم جو پروگرام منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ عالمي شهرت يافتہ مذھبي اسڪالر علامه سيد عروج زيدي خطاب ڪيو. محفل ۾ عالمي شهرت يافته منقبت خوان تابش محمود سلطاني بارگاهِ رسالت ۾ هديه عقيدت پيش ڪيو. ميلاد جي محفل رات دير تائين جاري رهي جنهن ۾ هزارين مؤمنين ۽ مومنات شرڪت ڪئي. آخر ۾ لاڙڪاڻي جي بزرگ شيعه اڳواڻ صدر انجمن پنجتني کچي امام بارگاهه ۽ جامع مسجد و مدرسه صاحب العصر کچي ڪمپليڪس زوار اعجاز حسين کچي دُعا گهُرائي. ان موقعي تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي هدايتن تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا