وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرغزستان جو دورو مڪمل ڪري پاڪستان پهچي ويو

اسلا آباد - 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرغزستان جو دورو مڪمل ڪري پاڪستان پهچي ويو. اربع ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وطن واپسي کان اڳ ايئرپورٽ تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو واپاري ماپو 200 ملين ڊالر تائين وڌائڻ جي معاهدي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير صحيحون ڪيون ۽ دستاويزن جي ڏي وٺ …

اسلا آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرغزستان جو دورو مڪمل ڪري پاڪستان پهچي ويو. اربع ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وطن واپسي کان اڳ ايئرپورٽ تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو واپاري ماپو 200 ملين ڊالر تائين وڌائڻ جي معاهدي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير صحيحون ڪيون ۽ دستاويزن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ڪرغزستان جو صدر صادر زاپاروف ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪرغزستان جي دوري دوران ڪرغز صدر پاران غيرروايتي مهمان نوازي جو مظاهروڪيو ويو، ڪرغز صدر صادر زاپاروف وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پاڻگاڏي هلائي ايئرپورٽ تي الوداع ڪيو.