اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ، سڌارن ۽ خاص قدمن جي وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته گلگت بلتستان جي عوام جي محرومين کي ختم ڪرڻ ۽ خطي کي پائيدار ترقي جي رستي تي آڻڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم ڪميٽي جي هڪ اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو، هن هدايت ڪئي ته گلگت بلتستان ۾ بجلي جي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ 100 ميگاواٽ …
رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن جي وفاقي وزير پاران گلگت بلتستان ۾ بجلي جي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ 100 ميگاواٽ سولر منصوبي تي اڳڀرائي يقيني بڻائڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ، سڌارن ۽ خاص قدمن جي وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته گلگت بلتستان جي عوام جي محرومين کي ختم ڪرڻ ۽ خطي کي پائيدار ترقي جي رستي تي آڻڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم ڪميٽي جي هڪ اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو، هن هدايت ڪئي ته گلگت بلتستان ۾ بجلي جي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ 100 ميگاواٽ جي سولر منصوبي تي تيزي سان اڳڀرائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته نلتر ۽ هنزل پاور منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان گڏو گڏ ، سولر منصوبي جي فيڊر، ٽرانسميشن لائن ۽ روڊن جي بنيادي ڍانچي تي به هڪ ئي وقت ڪم ڪيو ويندو ته جيئن ماڻهن کي بجلي جي فراهمي ۾ بنا ڪنهن دير جي رليف ملي سگهي. هن چيو ته گلگت بلتستان جي خوبصورت ۽ حساس ماحول جي حفاظت لاءِ هڪ گڏيل سياحتي فريم ورڪ تيار ڪرڻ ۽ ڪيريئنگ ڪيپيسٽي اسٽڊي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. انهن قدمن جو مقصد بي ترتيب اڏاوتن کي روڪڻ ۽ ماحول دوست ۽ پائيدار سياحت کي هٿي وٺائڻ آهي. وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو ته وفاقي حڪومت گلگت بلتستان کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ ۽ اين ايف سي جي طرز تي ڊگهي عرصي تائين هلندڙ مالي حل فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته گڏيل سهڪار ۽ محنت ذريعي گلگت بلتستان جي روشن، سرسبز ۽ پائيدار مستقبل جي بنياد رکيو ويندو.











