راولپنڊي- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف چيو آهي ته تبديل ٿيندڙ سيڪيورٽي ماحول ۾ تياريون، ٽنهي فوجن وچ ۾ وڌيڪ اثرائتو انضمام، حالتن موجب پاڻ کي بدلائڻ جي صلاحيت، زميني ۽ معلوماتي شعبن ۾ اڳڀرائي ضروري آهي. اربع تي آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان نيوي جي ڪراچي ۾ ميجر ميري ٽائم ايڪسرسائز سي اسپارڪ 2026ع شروع ٿي وئي …
ٽنهي هٿياربند فوجن وچ ۾ وڌيڪ اثرائتو انضمام، حالتن موجب پاڻ کي بدلائڻ، زميني ۽ معلوماتي شعبن ۾ اڳڀرائي ضروري آهي: ايڊمرل نويد اشرف

مزید خبریں
راولپنڊي- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف چيو آهي ته تبديل ٿيندڙ سيڪيورٽي ماحول ۾ تياريون، ٽنهي فوجن وچ ۾ وڌيڪ اثرائتو انضمام، حالتن موجب پاڻ کي بدلائڻ جي صلاحيت، زميني ۽ معلوماتي شعبن ۾ اڳڀرائي ضروري آهي. اربع تي آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان نيوي جي ڪراچي ۾ ميجر ميري ٽائم ايڪسرسائز سي اسپارڪ 2026ع شروع ٿي وئي آهي، جنهن دوران پاڪ نيوي پنهنجي جنگي تياري ۽ آپريشنل صلاحيت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف مشق جي افتتاحي بريفنگ جي صدارت ڪئي، جڏهن ته پاڪ فوج جي مختلف شعبن جا سينئر آفيسر به ساڻس گڏ موجود هئا. مشق دوران پاڪ نيوي کي روايتي ۽ اڀرندڙ سامونڊي خطرن خلاف جنگي تياري جي سخت جانچ واري عمل مان گذاريو پيو وڃي. مشق ۾ سامونڊي جهازن، آبدوزن، جهازن، پائليٽ کانسواءِ نظام، ميرينز، اسپيشل فورسز سميت پاڪ فوج ۽ پاڪ نيوي جي گڏيل وسيلن کي مربوط ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ چيف آف دي نيول اسٽاف پاڪ نيوي جي فليٽ يونٽس جو پڻ دورو ڪيو ۽ جاري آپريشنز جو جائزو ورتو. آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٽنهي هٿياربند فوجن وچ ۾ وڌيڪ اثرائتو انضمام، حالتن موجب پاڻ کي بدلائڻ، زميني ۽ معلوماتي شعبن ۾ اڳڀرائي ضروري آهي. مشق سي اسپارڪ 2026ع جو مقصد ملٽي ڊومين آپريشنز جي مشق ڪرڻ آهي، جنهن سان سامونڊي، فضائي، زميني، سائبر ۽ خلائي صلاحيتن کي مربوط ڪيو پيو وڃي. ان سان گڏوگڏ انفارميشن انوائرنمنٽ ۾ آپريشنز تي پڻ ڌيان ڏنو پيو وڃي ته جئين سمنڊ ۾ جاري فعال ڪارروائين سان گڏ هم آهنگي برقرار رکندي معلوماتي جنگ جي ميدان ۾ پڻ فيصلو ڪندڙ سرسي حاصل ڪري سگهجي.











